يوم يڪجهتي ڪشمير هڪ تاريخي ڏينهن آهي جيڪو پاڪستانين ۽ ڪشميرين وچ ۾ قائم لازوال رشتي جي علامت بڻجي چڪو آهي: آزاد ڪشمير جو وزيراعظم

مظفرآباد-04 فيبروري (اي پي پي) آزاد حڪومت رياست ڄمون ڪشمير جي وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 5 فيبروري هڪ تاريخي ڏينهن آهي جيڪو پاڪستانين ۽ ڪشميرين وچ ۾ قائم لازوال رشتي، مذهبي هم آهنگي، ثقافتي وابستگي ۽ سماجي يڪجهتي جي روشن علامت بڻجي چڪو آهي. هي ڏينهن سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين ۽ ڪشميرين جي ان پختي عزم جي …

مظفرآباد-04 فيبروري (اي پي پي) آزاد حڪومت رياست ڄمون ڪشمير جي وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 5 فيبروري هڪ تاريخي ڏينهن آهي جيڪو پاڪستانين ۽ ڪشميرين وچ ۾ قائم لازوال رشتي، مذهبي هم آهنگي، ثقافتي وابستگي ۽ سماجي يڪجهتي جي روشن علامت بڻجي چڪو آهي. هي ڏينهن سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين ۽ ڪشميرين جي ان پختي عزم جي تجديد ڪري ٿو ته هو پنهنجي مظلوم ڪشميري ڀائرن جي خود اراديت واري حق ۾ ساڻن گڏ بيٺل آهن. ڪشميري عوام پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ ئي نظرياتي طور تي پنهنجو مستقبل پاڪستان سان ڳنڍڻ جو فيصلو ڪيو هو، جيڪا هڪ تاريخي حقيقت آهي ۽ اسان ان تي فخر ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان واسين هر مشڪل گهڙي ۾ ڪشميري عوام جو ساٿ ڏنو آهي ۽ اڄ به سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي سطح تي انهن جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪن ٿا، اهو وقت پري ناهي جڏهن ڪشميري عوام آزادي جي نعمت سان همڪنار ٿيندا ۽ پنهنجي خوداراديت واري حق کي حاصل ڪري آزاد فضا ۾ ساهه کڻندا.

مزید خبریں