ڪوئيٽا-04 فيبروري (اي پي پي) بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل، ڪشمير جي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان هميشه دنيا جي هر فورم تي پنهنجي ڪشميري ِڀائرن جي جائز موقف جي نه رڳو حمايت ڪئي آهي پر ان سان گڏو گڏ ڀارت جي جاري ظلم ۽ زيادتي کي عالمي سطح تي اجاگر به ڪندو رهيو آهي ۽ پاڪستان جي اها اخلاقي ۽ سفارتي …
بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل پاران ڪشمير جي ڏهاڙي جي حوالي سان پيغام جاري

مزید خبریں
ڪوئيٽا-04 فيبروري (اي پي پي) بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل، ڪشمير جي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان هميشه دنيا جي هر فورم تي پنهنجي ڪشميري ِڀائرن جي جائز موقف جي نه رڳو حمايت ڪئي آهي پر ان سان گڏو گڏ ڀارت جي جاري ظلم ۽ زيادتي کي عالمي سطح تي اجاگر به ڪندو رهيو آهي ۽ پاڪستان جي اها اخلاقي ۽ سفارتي حمايت ان وقت تائين پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي حاصل رهندي جيستائين انهن کي خوداراديت وارو حق نٿو ڏنو وڃي. هن چيو ته اڄ 5 فيبروري تي ڪشمير جو ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد به پنهنجي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ آهي، ڪشمير مسئلي سان لاڳاپيل پاڪستان جو شروع کان ئي موقف رهيو آهي ته گڏيل قومن جي قراردادن جي روشني ۾ والاريل ڪشمير جي عوام کي خوداراديت وارو حق ڏنو وڃي ته جئين هو پنهنجي قسمت جو فيصلو پاڻ ڪري سگهن، تنهن ڪري ضروري آهي ته عالمي برادري جو ڌيان ڪشمير جي مسئلي طرف ڇڪرايو وڃي ۽ عالمي راءِ کي انهن جي حق ۾ هموار ڪيو وڃي. بلوچستان جو غيور عوام مشڪل جي هر گهڙي ۾ پنهنجي ڪشميرين ڀائرن سان گڏ آهي.











