مظفر آباد-04 فيبروري (اي پي پي) آزاد حڪومت رياست ڄمون ڪشمير جي وقتي صدر چوڌري لطيف اڪبر يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 5 فيبروري يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ۽ ڪشميري والاريل ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪري رهيا آهن ۽ ڀارت جي مڪروه چهري کي دنيا آڏو بي نقاب ڪري رهيا آهن. ڀارت جهڙيءَ …
يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ۽ ڪشميري والاريل ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪري رهيا آهن: وقتي صدر چوڌري لطيف اڪبر

مزید خبریں
مظفر آباد-04 فيبروري (اي پي پي) آزاد حڪومت رياست ڄمون ڪشمير جي وقتي صدر چوڌري لطيف اڪبر يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 5 فيبروري يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ۽ ڪشميري والاريل ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪري رهيا آهن ۽ ڀارت جي مڪروه چهري کي دنيا آڏو بي نقاب ڪري رهيا آهن. ڀارت جهڙيءَ طرح مودي جي هندوپرست پاليسي تي گامزن آهي ان مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته جلد ڀارت جو اتحاد وکري ويندو ۽ مودي ڀارت جو گوربا چوف ثابت ٿيندو. هن چيو ته ڀارت هڪ عالمي دهشتگرد آهي جيڪو والاريل ڄمون ڪشمير جي هٿين خالي عوام تي گذريل 7 ڏهاڪن کان ظلم ۽ ڏاڍ ڪري رهيو آهي. اڄوڪو ڏينهن پاڪستانين ۽ ڪشميرين جي لازوال رشتي جي سڃاڻپ آهي جنهن کي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو آهي. اسان والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج جي هٿان انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين تي ڀارت جي شديد مذمت ڪريون ٿا ۽ سڄي دنيا کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي هٿان انساني حقن جون سنگين پائماليون ختم ڪرائين ۽ گڏيل قومن جي منظور ٿيل قراردادن تي عملدرآمد يقيني بڻائين. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج ظلم ۽ ڏاڍ جو اهڙو ڪو به حربو ناهي ڇڏيو جيڪو بي گناهه ۽ هٿين خالي ڪشميري عوام تي آزمايو نه ويو هجي پر ڪشميري عوام جرئت ۽ حوصلي سان پنهنجي موف تي قائم آهي ۽ ڪشميري پنهنجي نصب العين کي نه ڇڏيو ۽ نه ئي هو پنهنجي موقف تان هٿ کڻندا. عالمي برادري کي اهو ياد ڏيارڻ جي ضرورت آهي ته ڪشمير مسئلو رڳو ڪشميرين جو ناهي پر عالمي ضمير جو امتحان به آهي. اڄ والاريل ڪشمير جي عوام سان ڀرپور انداز ۾ يڪجهتي جو اظهار ڪريون ۽ کين اها خاطري ڪرايون ته ڀارت ڪشميرين جي حريت واري جذبي کي پنهنجي توپن سان ختم نٿو ڪري سگهي ۽ اسان سندن خود اراديت واري حق جي جدوجهد ۾ انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون.











