اسلام آباد- 04 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ قازقستان اسٽريٽجڪ حصيداري قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن ۾ سياسي ڳالهه ٻولهه، سلامتي ۽ دفاع، واپار، معيشت ۽ سيڙپڪاري، ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪس، تعليم، سائنس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي، ثقافت، ميڊيا، رانديون ۽ سياحت، موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي ۽ علائقائي ۽ عالمي سطح تي تعاون سميت اهم شعبن تي ڌيان ڏنو ويو آهي، ٻنهي ملڪن ايندڙ سالن دوران ٻطرفي …
پرڏيهي وزارت پاران قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيووف ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري جي حوالي سان گڏيل پڌرنامو جاري

مزید خبریں
اسلام آباد- 04 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ قازقستان اسٽريٽجڪ حصيداري قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن ۾ سياسي ڳالهه ٻولهه، سلامتي ۽ دفاع، واپار، معيشت ۽ سيڙپڪاري، ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪس، تعليم، سائنس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي، ثقافت، ميڊيا، رانديون ۽ سياحت، موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي ۽ علائقائي ۽ عالمي سطح تي تعاون سميت اهم شعبن تي ڌيان ڏنو ويو آهي، ٻنهي ملڪن ايندڙ سالن دوران ٻطرفي گڏيل واپار جو ماپو هڪ ارب آمريڪي ڊالر تائين وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت پاران قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيووف ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري جي حوالي سان جاري ڪيل گڏيل پڌرنامي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي جمهوريه قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيووف 3 کان 4 فيبروري تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪيو. 23 سالن کانپوءِ قازقستان جي صدر جو پاڪستان جو سرڪاري دورو هڪ تاريخي سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو جيڪو ٻنهي ملڪن جي روايتي دوستاني لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ حصيداري جو مظهر آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي نئين باب جي شروعات آهي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ قازقستان ملڪن جي وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي هڪ جهڙائپ تي ٻڌل روايتي دوستاڻي لاڳاپن ۽ ڀائيچاري جي مسلسل فروغ کي ساراهيو. پڌرنامي موجب پاڪستان قازقستان جي آزادي کي تسليم ڪندڙ اولين ملڪن ۾ شامل آهي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه کي ساراهيو ته انهن جا گهڻ رخا ٻطرفا لاڳاپا 1992ع جي ”جمهوريه قازقستان ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي وچ ۾ لاڳاپن جي اصولن جي پڌرنامي“ تي صحيحن کانپوءِ نمايان طور تي مضبوط ٿيا آهن. خودمختياري، آزادي ۽ علائقائي سالميت جي اصولن تي اڻٿڪ عمل ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مستحڪم ۽ قابل اعتماد حصيداري جو بنياد آهي. ٻنهي اڳواڻن سياست، سلامتي، دفاع، واپار، معيشت، زراعت، ٽرانسپورٽيشن، لاجسٽڪس، تعليم، ثقافت، راندين ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ وڌندڙ هم آهنگي ۽ حصيداري جي آجيان ڪئي، جڏهن ته علائقائي ۽ عالمي سطح تي ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ گهري رابطن کي پڻ فروغ ڏنو. ٻنهي اڳواڻن ورجاءُ ڪيو ته گڏيل قومن جي چارٽر موجب ۽ آزادي، خودمختياري، برابري، علائقائي سالميت ۽ عالمي طور تي قبول شده عالمي قانون جي اصولن ۽ اصولن جي احترام تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ نه رڳو انهن جي ٻطرفي حصيداري کي مضبوط ۽ وسعت ڏيندو پر امن، سلامتي ۽ رابطن ۾ پڻ مثبت ڪردار ادا ڪندو. وچ ۽ ڏکڻ ايشيا ۽ ان کان اڳتي جي پوري خطي ۽ ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام ۽ مسلسل ترقي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي اڳواڻن گهڻ رخي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ متنوع ۽ فروغ ڏيڻ جي پنهنجي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن ۽ قومن جي گڏيل فائدي جي لاءِ اسٽريٽجڪ حصيداري قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جنهن ۾ سياسي ڳالهه ٻولهه، سلامتي ۽ دفاع، واپار، معيشت ۽ سيڙپڪاري، ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪس، تعليم، سائنس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي، ثقافت، ميڊيا، رانديون ۽ سياحت، موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي ۽ علائقائي ۽ عالمي سطح تي تعاون سميت اهم شعبن تي ڌيان ڏنو ويو آهي. پڌرنامي موجب ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن جي سطح تي باقاعده گڏيل دورا منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن ڌريون متفقه تعاون جي شعبن جو جائزو وٺي سگهن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ رهنمائي ۽ تعاون جا نوان رستا ڳولي سگهن. ٻنهي اڳواڻن نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير جي سطح تي هر ٻن سالن کانپوءِ اسٽريٽجڪ ڳالهه ٻولهه تي پڻ اتفاق ڪيو ته جيئن ٻطرفي اسٽريٽجڪ حصيداري تحت متفقه تعاون جي شعبن جي جامع جائزي ۽ لاڳو جي لاءِ تعاون جي مڪينزم کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي. پارلياماني مٽاسٽا جي اهميت کي گڏيل اعتماد جي فروغ ۾ اهم قرار ڏيندي ٻنهي اڳواڻن ملڪن جي اندر ٿيندڙ قانونسازي جي نظام ۽ اڳڀرائي کي بهتر طور تي سمجهڻ ۽ تعاون جي نئين شعبن جي نشاندهي ڪرڻ تي زور ڏنو ته جيئن ٻنهي ملڪن جي قانونساز ادارن کي ساليانا اجلاس منعقد ڪرڻ ۽ پارلياماني دوستي گروپن جي دائره ڪار کي وڌائي سگهجي. ٻنهي اڳواڻن باقاعده ٻطرفي سياسي ۽ قونصلر مشاورت جي اهميت تي زور ڏنو ۽ 26 – 2025ع جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزارت جي وچ ۾ تعاون جي ايڪشن پلان تي صحيحن جي آجيان ڪئي. پاڪستان جي قازقستان جي عوام جي لاءِ سازگار ويزا نظام کي ساراهيندي ٻنهي ڌرين پاڪستان کي قازقستان جي اي ويزا نظام ۾ شامل ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ته جيئن سياحت، عوام سان عوام ۽ ڪاروبار سان ڪاروباري رابطن کي فروغ ڏئي سگهجي. پڌرنامي موجب سلامتي ۽ دفاع جي شعبي ۾ ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته خطي ۾ سمورن التوا هيٺ تڪرارن ۽ سمورن حل نه ٿيندڙ تڪرارن جو پرامن حل هڪطرفي رييي بدران پرامن ذريعن سان ڪڍيو وڃي، انهن تڪرارن جو حل وچ ۽ ڏکڻ ايشيا بشمول قازقستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون ۽ رابطي جي بي پناهه صلاحيت کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ محفوظ ۽ سازگار ماحول کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ضروري آهي. ٻنهي اڳواڻن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، سرحدي تحفظ جي عملدارن ۽ ٻين لاڳاپيل قومي ادارن جي وچ ۾ باقاعده ۽ منظم رابطا قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن دهشتگردي، انتهاپسندي، غيرقانوني منشيات جي اسمگلنگ، انساني اسمگلنگ سميت غيرقانوني هجرت، منظم ۽ سائبر ڏوهن نيز نئين ۽ اڀرندڙ خطرن ۽ چئلينجز جي خلاف ويجهي تعاون کي فروغ ڏئي سگهجي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ته جمهوريه قازقستان جي سلامتي ڪائونسل جي سيڪريٽري ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي وزيراعظم جي قومي سلامتي واري صلاحڪار جي گڏيل صدارت ۾ اعليٰ سطحي سيڪيورٽي ڊائيلاگ قائم ڪرڻجي امڪان تي غور ڪيو وڃي. جمهوريه قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيووف گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي موجوده غيرمستقل ميمبر جي طور تي پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيندي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت ۾ جولاءِ 2025ع جي لاءِ گهڻ ڌرييي، تڪرارن جي پرامن حل ۽ علائقائي رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي قدمن جي آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن فوجي ميدان ۾ تعاون جي سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل فوجي مشقن ۽ تربيت، پيشيواراڻي تربيت ۽ پيشيواراڻي مهارت جي مٽاسٽا ۾ تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جمهوريه قازقستان ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي وچ ۾ حوالگي تي معاهدي، قازقستان جي حڪومت ۽ پاڪستان جي حڪومت جي وچ ۾ ڏوهن جي خلاف معاهدي، قازقستان جي حڪومت ۽ پاڪستان جي حڪومت جي وچ ۾ گڏيل قومن جي امن مشن ۾ گڏيل مقرري تي مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي آجيان ڪئي. اقتصادي تعاون، واپاري لاڳاپن ۽ سيرپڪاري حصيداري جي بنيادي اهميت کي ورجائيندي ٻنهي ڌرين زراعت، ٽيڪسٽائيل، مشينري، مالياتي شعبي، ڪيميڪل صنعت، توانائي، جديد ٽيڪنالاجي، فارماسيوٽيڪل، سرجيڪل اوزارن، فرنيچر، راندين جي سامان، چمڙي جي مصنوعات وغيره ۾ ٻطرفي تعاون کي ڳولڻ ۽ وسعت ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن قازقستان – پاڪستان گڏيل بين الحڪومتي ڪميشن براءِ واپار، اقتصادي، سائنسي، ٽيڪنيڪي ۽ ثقافتي تعاون ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري جي گڏيل ورڪنگ گروپ جي باقاعده ۽ لاڀائتين ملاقاتن سان گڏوگڏ توانائي ۽ زراعت تي گڏيل ورڪنگ گروپس جي ڪامياب شروعات جو اطمينان سان ذڪر ڪيو. هن قازقستان – پاڪستان بزنس ڪائونسل جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو ته اهو باقاعده گڏيل دوري، ڪاروباري فورمز، واپاري مشن، نمائشن بشمول دفاعي نمائشن وغيره منعقد ڪري سڌوسنئون ڪاروبار سان ڪاروباري لاڳاپا قائم ڪرڻ ۽ سهولت فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ٻطرفي واپاري ۽ سيڙپڪاري حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ٻنهي اڳواڻن مٿي ڄاڻايل اداراجاتي نظام جي دائره ڪار ۾ گڏيل، باقاعده سرگرمين کي وڌيڪ شدت ڏيڻ جي انتهائي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن قازقستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ 27 – 2025ع جي لاءِ واپاري ۽ اقتصادي تعاون جي روڊ ميپ، اليڪٽرانڪ واپاري تعاون تي مفاهمت جي يادداشت ۽ معيار جي ميدان ۾ تعاون جي معاهدي جي عملي لاڳو کي تمام گهڻي اهميت ڏني. ٻنهي اڳواڻن قازقستان جي حڪومت ۽ پاڪستان جي حڪومت جي وچ ۾ عبوري واپار تي معاهدي، قازقستان جي حڪومت ۽ پاڪستان جي حڪومت جي وچ ۾ ڪسٽمز جي معاملن ۾ تعاون ۽ گڏيل انتظامي معاونت جو معاهدو، قازقستان جي مالياتي مندي بابت ايجنسي جي ضابطي ۽ ترقي ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي پڻ آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن قازق انويسٽ ۽ بورڊ آف انويسٽمينٽ پاڪستان جي وچ ۾ صحيحون ٿيل مفاهمت جي يادداشت جي موثر لاڳو کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ ٻطرفي سيڙپڪاري کي فروغ ڏئي سگهجي ۽ سيڙپڪاري جي عمل کي آسان بڻائي سگهجي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن ۾ گڏيل منصوبن جي حصيدارن جي سڃاڻپ پڻ شامل آهي. ٻنهي اڳواڻن آستانه انٽرنيشنل فنانشل سينٽر جي پليٽ فارم تي مختلف شعبن ۾ تعاون جي امڪانن کي ساراهيو جنهن ۾ مالياتي خدمتون بشمول اسلامي ۽ زرعي شعبي، مالياتي ٽيڪنالاجيز، ڊيجيٽل اثاثي ۽ ڪرپٽو ڪرنسيز، نيز عالمي ثالثي ۽ قانوني ضابطه ڪاري شامل آهن. ٻنهي اڳواڻن خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پاران پاڪستان جي ترجيحي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي پڻ ساراهيو جن ۾ زراعت ۽ چوپائي مالي، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام، کاڻين يج کوٽائي ۽ معدنيات، توانائي، صنعت، سياحت ۽ نجڪاري شامل آهن. ٻنهي اڳواڻن زراعت جي شعبي ۾ تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪندي ٻنهي ملڪن جي معيشتن جي گڏيل فائدي جي لاءِ خدمتون سرانجام ڏيڻ جي آجيان ڪئي جن ۾ قازقستان جي زراعت واري وزارت ۽ پاڪستان جي قومي غذائي سلامتي ۽ تحقيق واري وزارت جي وچ ۾ ٻوٽن جي قرنطينه ۽ ٻوٽن جي تحفظ جي شعبي ۾ تعاون جو معاهدو، قازقستان جي زراعت واري وزارت ۽ پاڪستان جي قومي غذائي سلامتي ۽ تحقيق واري وزارت جي وچ ۾ ويٽرنري ميڊيسن جي شعبي ۾ تعاون جو معاهدو، قازقستان جي زراعت ۽ فصل ۽ پيداوار بابت سائنسي تحقيقي اداري ۽ پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل (پي اي آر سي) جي وچ ۾ زرعي فصلن جي عمومي وسيلن جي مٽاسٽا جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت کانسواءِ قازقستان جي جي ايس سي ”ايگريڪلچرل ايڪسپيريمنٽل اسٽيشن آف ڪاٽن اينڊ ميلن اگاوان“ ۽ پاڪستان سينٽرل ڪاٽن ريسرچ انسٽيٽيوٽ (سي سي آر آءِ) جي وچ ۾ ڪپهه جي تحقيق ۽ ترقي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت شامل آهي. پڌرنائي موجب ٻنهي اڳواڻن قازقستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ترقي يافته، محفوظ، پائيدار ۽ متنوع ڪنيڪٽيويٽي جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئن ٻطرفي ۽ علائقائي واپار ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏئي سگهجي. هنن اجاگر ڪيو ته ٻئي ملڪ نه رڳو وچ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا جي خطي جي لاءِ پر بين البراعظميٰ رابطي ۽ تعاون جي فائدي جي لاءِ رستا فراهم ڪرڻ کان اڳتي به، جن ۾ يوريشيا، نار فارس، آفريقا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جا ملڪ شامل آهن، عبوري مرڪزن جي طور تي اهم آهن. ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪس جي شعبي ۾ تعاون جي اهميت تي زور ڏيندي ٻنهي اڳواڻن قازقستان ۽ پاڪستاني لاجسٽڪس ڪمپنين جي وچ ۾ ويجهي تعاون وڌائڻ جي آجيان ڪئي جنهن جو مقصد گهڻ رخو موقف اختيار ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رستي، ريل ۽ فضائي رابطي کي فروغ ڏيڻ آهي. ٻنهي اڳواڻن قازقستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ عالمي گهڻ رخي ٽرانسپورٽ ڪوريڊورز کي ”قازقستان – ترڪمانستان – افغانستان – پاڪستان“، ”قازقستان – ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان“ ۽ ”قازقستان – ڪرغزستان – چين – پاڪستان“ رستن جي ذريعي فروغ ڏيڻ جي لاءِ مضبوط عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر قاسم جومارت توڪائيووف پاران وچ ۽ ڏکڻ ايشيا کي ٽرانس افغان ريلوي ڪوريڊور جي تعمير جي ذريعي ڳنڍڻ ۾ اڳرائي جي آجيان ڪئي. ان سلسلي ۾ ٻنهي اڳواڻن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ”قازقستان – ترڪمانستان – افغانستان – پاڪستان“ ريلوي لائين جي ترقي جو جائزو وٺن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ گهڻ طرفو بڻائڻ جي لاءِ، ڪاروبار سان ڪاروبار ۽ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ، ٻنهي اڳواڻن ويجهي مستقبل ۾ سڌوسنئون اڏامن جي ٻيهر شروعات جي امڪان تي غور ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هنن سامونڊي چرپر جي ميدان ۾ تعاون جي وڏي صلاحيت کي اجاگر ڪيو ۽ جي ايس سي نيشنل ڪمپني ”اڪتائو انٽرنيشنل ڪمرشل سي پورٽ“ ۽ ڪراچي پورٽ ميري ٽائيم ايدمنسٽريشن جي وچ ۾ معلومات جي مٽاسٽا ۽ پيشيواراڻي ترقي جي ميدان ۾ تعاون جي ميمورنڊم تي صحيحن جي آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي ايس سي ”ڪاز پوسٽ“ ۽ پاڪستان پوسٽ جي وچ ۾ تعاون جي يادداشت تي صحيحن جي پڻ آجيان ڪئي. پڌرنامي موجب ٻنهي اڳواڻن تعليم، سائنس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو ۽ آءِ ٽي، ٽيلي ڪميونيڪشنز ۽ تعليم تي گڏيل ورڪنگ گروپس قائم ڪرڻ جي آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن لاڳاپيل عملدارن، تنظيمن، يونيورسٽين ۽ اسڪولن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي تمام گهڻي اهميت ڏني ته جيئن گڏيل تحقيقي منصوبن کي فروغ ڏئي سگهجي جن ۾ تعليمي حصيداري ۽ شاگردن، فيڪلٽي ميمبرن، علم ۽ بهترين طريقن جي مٽاسٽا شامل آهي. صدر قاسم جومارت توڪائيووف پاڪستان جي شهرين کي قازق يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي دعوت ڏني جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف قازقستان کان ايندڙ شاگردن کي پاڪستاني يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڀليڪار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن قائداعظم يونيورسٽي آف پاڪستان ۾ الفارابي قازق نيشنل يونيورسٽي جي تعاون سان الفارابي ڪلچرل سينٽر جي افتتاح، پاڪستان جي نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ قازق نيشنل ٽيڪنيڪل ريسرچ يونيورسٽي سان تعاون سان ستبايوف سينٽر جي افتتاح جنهن جو نالو ڪي آءِ ساتبايوف جي نالي سان منسوب آهي، انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد ۾ جيڪو احمد ياساوي انٽرنيشنل قازق – ترڪ يونيورسٽي جي تعاون سان احمد يساوي سينٽر جي افتتاح جي قدمن جي آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي يونيورسٽين کي طبي ۽ ٻين شعبن ۾ تخصص جي لاءِ هڪ ٻئي جي ملڪن ۾ پنهنجي ضرورتن موجب شاخون کولڻ جي ترغيب ڏني. ٻنهي اڳواڻن آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن جي شعبي ۾ تعاون ۽ تجربي ۽ مهارت جي مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن حڪومت، اي ڪامرس، مالياتي ٽيڪنالاجيز، اي انفراسٽرڪچر، مصنوعي ذهانت، اي سروسز، خلائي ٽيڪنالاجي، ڊيجيٽل حل وغيره جهڙن شعبن ۾ گڏيل منصوبا تيار ڪري سگهجن. ٻنهي ڌرين سائبر سيڪيورٽي جي شعبي ۾ تعاون جا ذريعا ڳولڻ ۽ جاگرافيائي معلومات جي ميدان ۾ تجربي ۽ مهارت جي مٽاسٽا جي ذريعي تعاون کي فروغ ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن قازقستان جي مصنوعي ذهانت ۽ ڊيجيٽل ترقي واري وزارت ۽ پاڪستان جي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت، قازقستان جي جي ايس سي ”نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجيز“ ۽ پاڪستان جي نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت جي آجيان ڪئي. پڌرنامي موجب ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي ثقافتي ادارن ۽ ميڊيا برادرين جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئن عوامي لاڳاپن کي گهرو ڪري سگهجي ۽ موجوده سياسي ۽ اقتصادي ترقي، ڪاروباري موقعن، سماجي ۽ ثقافتي روايتن ۽ قازقستان ۽ پاڪستان جي روايتن بابت آگاهي پيدا ڪري سگهجي. ان ڏس ۾ ٻنهي اڳواڻن قازقستان جي ثقافت ۽ اطلاعات واري وزارت ۽ پاڪستان جي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي وچ ۾ معلومات جي ميدان ۾ مفاهمت جي يادداشت، قازقستان جي ثقافت ۽ اطلاعات واري وزارت ۽ پاڪستان جي قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت جي وچ ۾ ثقافت جي ميدان ۾ مفاهمت جي يادداشت، قازقستان جي ثقافت ۽ اطلاعات واري وزارت ۽ پاڪستان جي قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت جي وچ ۾ ثقافتي ۽ انساني همدرديءَ جي تعاون جي ميدان ۾ 2026 – 2027ع جي لاءِ تعاون جي ايڪشن پلان، ۽ ڪرمانغازي قازق نيشنل ڪنزرويٽري ۽ نيشنل اڪيدمي آف پرفارمنگ آرٽس آف پاڪستان جي وچ ۾ تعاون جي يادداشت، خبر نيشنل ٽيليويزن ايجنسي ۽ پاڪستان ٽي وي جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت، قازقستان جي صدر جي ٽي وي ۽ ريڊيو ڪمپليڪس ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن ۽ لاڳو ڪرڻ کي خاص اهميت ڏني. ٻنهي اڳواڻن قازقستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ عوامي رابطن جي فروغ جي لاءِ راندين ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جمهوريه قازقستان جي سياحت ۽ راندين واري وزارت ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي بين الصوبائي رابطن واري وزارت جي وچ ۾ راندين ۽ سياحت جي شعبن ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمتي يادداشت تي موثر عملدرآمد کي خصوصي اهميت ڏني. ٻنهي اڳواڻن مختلف راندين جي فيڊريشنز جي وچ ۾ وڌندڙ تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ اسلام آباد ۾ دوستق اسپورٽس سينٽر، قازقستان شطرنج فيڊريشن جي شاخن ۽ ”قازق باتيري“ مڪسڊ مارشل آرٽس اڪيڊمي جي قيام، نيز پاڪستان ۾ ”توغيرز قومالاق“ ۽ ”قازق ڪُريس“ فيڊريشنز جي قيام جي آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن مقامي عملدارن جي سطح تي ٻطرفي تعاون جي فروغ جي لاءِ ڀرپور حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي ثقافتي گادي واري شهرن ترڪستان ۽ لاهور، نيز ٽيڪسٽائيل مرڪزن شمقند ۽ فيصل آباد جي وچ ۾ سسٽر سٽي لاڳاپا قائم ڪرڻ بابت مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن جي آجيان ڪئي. موسمياتي تبديلي، ماحولياتي مسئلن ۽ وچ ۽ ڏکڻ ايشيا جي بلند جابلو علائقن ۾ گليشيئرز جي تيزي سان وگهرڻ سبب پيدا ٿيندڙ گڏيل مسئلن جي حوالي سان جمهوريه قازقستان ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستان ماحولياتي پائيداري ۽ موسمياتي لچڪ کي پنهنجي اسٽريٽجڪ حصيداري جو هڪ اهم ٿنڀ قرار ڏيندي ان شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڻي تحفظ، قابل تجديد توانائي، قدرتي آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي ۽ پائيدار جابلو ماحولياتي نظام بابت گڏيل تحقيق، علم جي مٽاسٽا ۽ گڏيل قدمن جي اهميت تي زور ڏنو اها حصيداري سرحد پار موسمياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ علائقائي يڪجهتي کي فروغ ڏيندي ۽ گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلي بابت فريم ورڪ ڪنوينشن، پيرس معاهدي ۽ گڏيل قومن جي پائيدار ترقياتي هدفن موجب عالمي موسمياتي قدمن جي حمايت ڪندي. گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلي بابت فريم ورڪ ڪنوينشن ۽ پيرس معاهدي جي اصولن ۽ شقن موجب عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي جي خلاف ڪوششن ۾ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪرڻ ۽ ماحول جي تحفظ جي عزم جو اظهار ڪندي ٻنهي اڳواڻن جمهوريه قازقستان جي ماحوليات ۽ قدرتي وسيلن واري وزارت ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت جي وچ ۾ موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي تحفظ جي شعبن ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جمهوريه قازقستان جي صدر پاران گڏيل قومن جي 80هين جنرل اسيمبلي ۾ 22 اپريل کي ”سرسبز زمين جو عالمي ڏهاڙو“ قرار ڏيڻ جي تجويز جي حمايت ڪئي. ٻنهي اڳواڻن 2026ع ۾ قازقستان ۾ علائقائي ماحولياتي سربراهي اجلاس جي انعقاد جي اهميت کي پڻ تسليم ڪيو ته جيئن گڏيل ڪوششن جي ذريعي ٺوس حل تيار ڪري سگهجن ۽ موسمياتي ۽ ماحولياتي مسئلن تي علائقائي ۽ عالمي مڪالمي کي سگهه ڏئي سگهجي. ٻنهي اڳواڻن قازقستان پاران گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ ”گڏيل قومون عالمي پاڻي تنظيم“ جي قيام جي قدمن جي پڻ حمايت ڪئي، جيڪا پاڻي سان لاڳاپيل معاملن تي ڪم ڪندڙ ٻين تنظيمن جي اختيار کي گڏ ڪري سگهندي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان پاران شروع ڪيل ”ڪراس ريجنل گليشيئرز ريزيلينس انيشي ايٽو“ جي پڻ حمايت ڪئي، جنهن جو مقصد علم ۽ بهترين طريقيڪار جي مٽاسٽا ۽ گليشيئرز جي تحفظ ۽ بقاءَ جي لاءِ خطه جاتي تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي. ٻنهي اڳواڻن گهڻ رخي فورمز تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل قومن، اسلامي تعاون تنظيم، شنگهائي تعاون تنظيم، اقتصادي تعاون تنظيم ۽ ٻين عالمي ۽ علائقائي ادارن جي فريم ورڪ تحت رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. صدر قاسم جومارت توڪائيووف قازقستان جي عالمي تجويزن، مثال طور ايشيا ۾ اعتماد سازي جي قدمن بابت ڪانفرنس، جي حمايت ۽ عالمي ۽ روايتي مذهبن جي اڳواڻن جي ڪانگريس جهڙن قدمن جي اهميت کي تسليم ڪرڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جا ٿورا مڃيا، جيڪي بين المذاهب هم آهنگي ۽ افهام تفهيم جي فروغ جي لاءِ اهم آهن. ٻنهي اڳواڻن گڏيل قومن جي 2030ع پائيدار ترقي بابت ايجنڊا جي موثر لاڳو جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ غربت جي خاتمي، غذائي تحفظ، موسمياتي تبديلي سان هڪ جهڙائي، نقصانن ۽ تباهي، خاتمي ۽ قدرتي آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. عالمي ۽ علائقائي معاملن تي ٻنهي ڌرين جي موقف ۾ هم آهنگي کي نوٽ ڪندي ٻنهي اڳواڻن گهڻ رخي ادارن ۽ تنظيمن ۾ هڪ ٻئي جي تجويزن، موقف ۽ نامزدگين جي حمايت جي امڪانن تي غور ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سمورين ڌرين پاران ضبط ۽ تحمل ۽ ذميواراڻي طرزعمل جي اهميت تي زور ڏنو. هنن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب پرامن حل لازمي آهي ۽ عالمي قانون جي تسليم ٿيل اصولن ۽ ضابطن جي سختي سان پاسداري تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن افغانستان جي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغانستان ۾ استحڪام ۽ سلامتي، علائقائي تعاون جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ هڪ اهم شرط آهي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته افغان سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي سلامتي جي خلاف سرگرمين جي لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي، ان ڏس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته افغانستان کي علائقائي معاشي تعاون ۽ رابطاجاتي انفراسٽرڪچر منصوبن ۾ شامل ڪرڻ افغانستان ۽ خطي جي عوام جي لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو. ٻنهي اڳواڻن بين المذاهب، ثقافتي ۽ بين النسلي هم آهنگي، گڏيل احترام ۽ مذهبي ڀائيچاري جي فروغ تي اتفاق ڪيو، جڏهن ته اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڪوششن ۽ مسلمان ملڪن جي وچ ۾ يڪجهتي جي فروغ جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. جمهوريه قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيووف پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستاني عوام جي شاندار مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا. صدر قاسم جومارت توڪائيووف وزيراعظم محمد شهباز شريف کي موزون وقت تي قازقستان جي دوري جي دعوت ڏني، جنهن کي وزيراعظم ٿورن سان قبول ڪيو.











