سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي ڪمبوڊيا جي بادشاهه ۽ وزيراعظم سان ملاقاتون

نوم پنه-04 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پنهنجي سرڪاري دوري دوران ڪمبوڊيا جي بادشاهه نوردوم سيهاموني سان ملاقات ڪئي. ملاقات دروان پاڪستان ۽ ڪمبوڊيا وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ، پارلياماني سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ، سياسي رابطن ۽ عوامي سطح تي تعاون وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام طرفان ڪمبوڊيا جي …

نوم پنه-04 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پنهنجي سرڪاري دوري دوران ڪمبوڊيا جي بادشاهه نوردوم سيهاموني سان ملاقات ڪئي. ملاقات دروان پاڪستان ۽ ڪمبوڊيا وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ، پارلياماني سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ، سياسي رابطن ۽ عوامي سطح تي تعاون وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام طرفان ڪمبوڊيا جي بادشاهه لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي سندس مدبراڻي قيادت، اخلاقي وقار، قومي اتحاد، ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ ڪمبوڊيا جي عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. هن ڪمبوڊيا جي قيادت ۽ عوام کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي، سياسي استحڪام ۽ قومي هم آهنگي طرف مسلسل اڳڀرائي تي مبارڪون به ڏنيون. سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ۽ ڪمبوڊيا وچ ۾ پراڻن دوستاڻن لاڳاپن جو حوالو ڏيندي چيو ته هي رابطا گڏيل احترام ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن. هن خطي ۾ تعاون ۽ بين الپارلياماني ڳالهين کي هٿي ڏيڻ ۾ ڪمبوڊيا جي تعميري ڪردار کي ساراهيو. سينيٽ چيئرمين ڪمبوڊيا سان پنهنجي پراڻي وابستگي جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته هو پنهنجي وزارت اعظميٰ جي دور ۾ ايشيا پيسفڪ ڪمبوڊيا ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو، ان موقعي تي ان وقت جي وزيراعظم سان به  ملاقات ڪئي. هن جولاءِ 2023ع ۾ ڪمبوڊيا جو دورو ڪندي انٽرنيشنل ليڊرشپ ڪانفرنس ۾ شرڪت ۽ عام چونڊن جي عالمي مبصر جي حيثيت سان مشاهدو به ڪيو جيڪو جمهوري عمل ۽ عالمي پارلياماني تعاون لاءِ پاڪستان جي مستقل حمايت جو ثبوت آهي. هن تازي اعليٰ سطحي رابطن جو به حوالو ڏنو ۽ ٻڌايو ته 1952ع ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام کانپوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سياسي ۽ سفارتي تعاون ۾ آهستي آهستي اضافو ٿي رهيو آهي. پارلياماني تعاون تي زور ڀريندي سينيٽ چيئرمين 2016ع ۾ پاڪستان ۽ ڪمبوڊيا جي سينيٽس وچ ۾ طئي ٿيل مفاهمتي يادداشت جو ذڪر ڪيو ۽ پارلياماني فرينڊشپ گروپس، ڪميٽي سطح جي مٽاسٽا ۽ علائقائي پارلياماني فورمز ۾ فعال شرڪت کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته پارلياماني رابطا واپار، سيڙپڪاري ۽ علائقائي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. سيد يوسف رضا گيلاني 2025ع ۾ پاڪستان طرفان منعقد ڪرايل انٽر پارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس (آءِ ايس سي) ۾ قيادت جي ڪردار کي اجاگر ڪيو ۽ نومبر 2025ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيل پهرين آءِ ايس سي ڪانفرنس ۾ ڪمبوڊيا جي فعال شرڪت کي ساراهيو. ملاقات دوران واپار ۽ معيشت، دفاع ۽ سلامتي، ماحولياتي تبديلي ۽ پائيدار ترقي ۾ تعاون جي امڪانن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته عوامي رابطن، ثقافتي مٽاسٽا ۽ پاڪستان جي گنڌارا تهذيب سان جڙيل ٻڌمت ورثي کي هٿي ڏيڻ تي به زور ڀريو ويو. ان کانپوءِ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڪمبوڊيا جي وزيراعظم سامديچ موها بورو ٿيپاڊي هن مانيٽ سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ ڪمبوڊيا وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن، پارلياماني سفارتڪاري، سياسي رابطن ۽ عوامي سطح تي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ  جي حوالي سان معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين ڪمبوڊيا جي قيادت طرفان شاندار مهمانوازي تي ٿورو مڃيندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ 28 مئي 1952ع کان قائم دوستاڻي ۽ تاريخي سفارتي لاڳاپن کي ساراهيو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان ۽ ڪمبوڊيا جا لاڳاپا گڏيل احترام، گڏيل مفادن ۽ گهڻ رخي عالمي فورمز ۾ ويجهي تعاون تي ٻڌل آهن. هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي 26-2025ع لاءِ چونڊن ۾ ڪمبوڊيا جي حمايت کي ساراهيو ۽ آسيان سان پاڪستان جي رابطن خاص ڪري سيڪٽرل ڊائيلاگ پارٽنر اسٽيٽس ۽ آسيان ريجنل فورم جي ميمبرشپ ۾ ڪمبوڊيا جي ڪردار کي به قدر جوڳو قرار ڏنو. سينيٽ چيئرمين ڪمبوڊيا سان پنهنجن پراڻن رابطن جو ذڪر ڪندي آگاهه ڪيو ته هن ايشيا پيسفڪ ڪمبوڊيا ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي هئي ۽ ان وقت جي وزيراعظم سان به ملاقات ٿي هئي ۽ جولاءِ 2023ع ۾ عالمي قيادت ڪانفرنس ۾ شرڪت کانسواءِ عام چونڊن ۾ عالمي مبصر طور  دوري جو به هن حوالو ڏنو. هن پارلياماني تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي 2016ع ۾ ٻنهي ملڪن جي سينيٽس وچ ۾ طئي ٿيل مفاهمتي يادداشت کي اهم سنگ ميل قرار ڏنو. ان موقعي تي پارلياماني فرينڊشپ گروپس، ڪميٽي سطح جي مٽاسٽا ۽ صلاحيت وڌائڻ جي قدمن جي اهميت تي به زور ڀريو ويو. سينيٽ چيئرمين امن، علائقائي استحڪام ۽ جامع ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪمبوڊيا سان ويجهي تعاون ۽ رابطن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں