پاڪستان ڪشميري عوام کي سندن جدوجهد ۾ ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندو: سيدال خان

اسلام آباد-04 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان چيو آهي ته 5 فيبروري جو ڏينهن پاڪستاني قوم جي دلين ۾ رهندڙ ان لازوال وابستگي جي علامت آهي جيڪا ڪشميري عوام سان ڀائراڻي رشتي، همدردي ۽ پختي حمايت جي صورت ۾ هميشه قائم رهي آهي، هي ڏينهن ان وچن کي ورجائڻ جو ڏينهن آهي ته پاڪستان ڪشميري عوام کي سندن جدوجهد ۾ ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندو. …

اسلام آباد-04 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان چيو آهي ته 5 فيبروري جو ڏينهن پاڪستاني قوم جي دلين ۾ رهندڙ ان لازوال وابستگي جي علامت آهي جيڪا ڪشميري عوام سان ڀائراڻي رشتي، همدردي ۽ پختي حمايت جي صورت ۾ هميشه قائم رهي آهي، هي ڏينهن ان وچن کي ورجائڻ جو ڏينهن آهي ته پاڪستان ڪشميري عوام کي سندن جدوجهد ۾ ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندو. يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ هن چيو ته ڪشميري عوام گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان آزادي، عزت ۽ خود اراديت واري حق لاءِ بي مثال قربانيون ڏئي رهي آهي، ڄمون ڪشمير ۾ جاري ڀارتي رياستي ڏاڍ، عدالت کان مٿانهون قتل، غير قانوني گرفتاريون، آبادي جي شرح بدلائڻ جون ڪوششون ۽ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون عالمي ضمير جي جاڳائڻ لاءِ ڪافي آهن، ان جي باوجود عالمي برادري جي خاموشي هڪ فڪر جو لمحو آهي. سيدال خان چيو ته سينيٽ ڪشميري عوام جي آواز بڻجي هر فورم تي سندن خود اراديت واري حق جي حمايت ڪندو آيو آهي ۽ آئنده به ڪندو رهندو، پاڪستان ڪشميري عوام جي منصفاڻي جدوجهد کي گڏيل قومن جي قراردادن، عالمي قانونن ۽ انساني قدرن جي روشني ۾ جائز سمجهي ٿو. اسان عالمي برادري خاص ڪري گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي عالمي ادارن کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو ڄمون ڪشمير ۾ جاري ظلمن جو نوٽيس وٺندي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري. وقتي چيئرمين چيو ته يوم يڪجهتي ڪشمير حقيقت ۾ پاڪستاني عوام جي ان اجتماعي شعور ۽ قومي غير جو ثبوت آهي جيڪو هر مشڪل گهڙي ۾ ڪشميري عوام سان گڏ نظر اچي ٿو، قدرتي آفتون هجن يا انساني بحران، پاڪستان جي عوام، حڪومت ۽ پاڪ فوج هميشه ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ عملي يڪجهتي جو ثبوت ڏنو آهي. هن چيو ته ڪشمير مسئلي تي پاڪستان اندر سياسي اختلاف ڪڏهن آڏا ناهن آيا، هي اهڙو قومي مسئلو آهي جنهن تي پاڪستان جون سموريون سياسي پارٽيون، پارليامينٽ، پاڪ فوج ۽ عوام هڪ آواز آهن، ڪشمير مسئلي جو منصفاڻو ۽ پائيدار حل خطي ۾ ڊگهي امن لاءِ ضروري آهي.

مزید خبریں