اسلام آباد-04 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان چيو آهي ته ڪينسر هڪ سنگين پر روڪٿام ۽ علاج جوڳي بيماري آهي جنهن کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ لاءِ وقت سر سڃاڻپ، جديد علاج، مسلسل آگاهي ۽ گڏيل قومي ڪوششون اڻٽر آهن. ڪينسر جي خاتمي واري عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ هن چيو ته ڪينسر جي خاتمي وارو عالمي ڏهاڙو اسان کي …
ڪينسر کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ لاءِ وقت سر سڃاڻپ، جديد علاج، مسلسل آگاهي ۽ گڏيل قومي ڪوششون اڻٽر آهن: وقتي سينيٽ چيئرمين

مزید خبریں
اسلام آباد-04 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان چيو آهي ته ڪينسر هڪ سنگين پر روڪٿام ۽ علاج جوڳي بيماري آهي جنهن کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ لاءِ وقت سر سڃاڻپ، جديد علاج، مسلسل آگاهي ۽ گڏيل قومي ڪوششون اڻٽر آهن. ڪينسر جي خاتمي واري عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ هن چيو ته ڪينسر جي خاتمي وارو عالمي ڏهاڙو اسان کي ياد ڏياري ٿو ته ڪينسر خلاف جدوجهد صرف طبي مسئلو ناهي پر هڪ اجتماعي سماجي ذميواري آهي. ان مرض جا اثر صرف مريضن تائين محدود ناهن رهندا پر ان جي خاندان ۽ سڄو معاشرو ان کان متاثر ٿيندو آهي، تنهن ڪري ان جي روڪٿام لاءِ جامع ۽ پائيدار قدمن جي ضرورت آهي. وقتي چيئرمين ان ڳالهه تي زور ڀريو ته صحتمند طرز زندگي اختيار ڪرڻ، متوازن غذا استعمال ڪرڻ، تماڪ ڇڪڻ ۽ غير معياري کاڌن کان پرهيز، جسماني سرگرمي ۽ باقاعده طبي معائنو ڪينسر کان بچاءُ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن چيو ته شروعاتي مرحلي ۾ سڃاڻپ نه رڳو علاج کي موثر بڻائي ٿي ته قيمتي انساني حياتين کي بچائڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندي آهي. سيدال خان چيو ته حڪومت عوام کي بهتر ۽ معياري طبي سهولتون فراهم ڪرڻ، ڪينسر جي علاج ۽ تحقيق جي ادارن کي مضبوط بڻائڻ ۽ صحت جي شعبي ۾ سڌارن لاءِ مسلسل قدم کڻي رهي آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سرڪاري ۽ نجي شعبو، طبي معاهر، فلاحي تنظيمون، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا گڏيل تعاون ذريعي ڪينسر کان آگاهي پکيڙڻ ۽ ان خلاف موثر جدوجهد کي يقيني بڻائين. هن ڪينسر جي مريضن خاص ڪري ٻارن ۽ عورتن جي سارسنڀال، علاج ۽ بحالي لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڊاڪٽرز، نرسز، پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ فلاحي ادارن جي اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته هي سمورا ماڻهو انسانيت جي خدمت ۾ قدر جوڳو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پنهنجي پيغام ۾ وقتي چيئرمين عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته هو اسرندڙ ملڪن ۾ ڪينسر جي علاج، تحقيق، جديد ٽيڪنالاجي ۽ دوائن جي دستيابي لاءِ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏي ته جيئن صحت جي شعبي ۾ هڪجهڙن موقعن کي هٿي ڏئي سگهجي. سيدال خان ناصر ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ڪينسر خلاف عالمي سطح تي جاري ڪوششن جو ڀرپور حصو بڻجندو رهندو ۽ هڪ اهڙي صحتمند معاشري جي قيام لاءِ سمورا امڪاني قدمن کنيا ويندا جتي هر شهري کي علاج ۽ صحت جي بنيادي سهولتن تائين هڪجهڙي پهچ حاصل هجي.











