اسلام آباد-04 فيبروري (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته صحت جي شعبي ۾ هڪ اهم ۽ تاريخي قدم جنهن تحت پاڪستان ۾ ويڪسين جي مقامي تياري لاءِ سعودي عرب ۽ انڊونيشيا سان اسٽريٽجڪ حصيداري تي عملي اڳڀرائي ٿي رهي آهي. اهڙو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ٻڌايو ته صحت واري وزارت گذريل 7 مهينن دوران پاڪستان جي ويڪسينيشن …
ويڪسين جي مقامي تياري لاءِ سعودي عرب ۽ انڊونيشيا سان اسٽريٽجڪ حصيداري تي عملي اڳڀرائي ٿي رهي آهي: وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال

مزید خبریں
اسلام آباد-04 فيبروري (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته صحت جي شعبي ۾ هڪ اهم ۽ تاريخي قدم جنهن تحت پاڪستان ۾ ويڪسين جي مقامي تياري لاءِ سعودي عرب ۽ انڊونيشيا سان اسٽريٽجڪ حصيداري تي عملي اڳڀرائي ٿي رهي آهي. اهڙو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ٻڌايو ته صحت واري وزارت گذريل 7 مهينن دوران پاڪستان جي ويڪسينيشن نظام، درپيش چئلينجز ۽ مستقبل جي ضرورتن جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ ان بنياد تي مقامي ويڪسين تياري جي جامع حڪمت عملي جوڙي وئي. هن چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت 13 بيمارين کان بچاءُ لاءِ ويڪسين قومي روٽين اميونائيزيشن پروگرام تحت مفت فراهم ڪئي پئي وڃي جن ۾ تازو ئي سروائيڪل ڪينسر کان بچاءُ لاءِ ايڇ پي وي ويڪسين به شامل ڪئي وئي آهي، هي ويڪسين حڪومت پاڪستان طرفان گهر جي چائنٺ تي فراهم ڪئي ويندي آهي. وفاقي وزير موجب پاڪستان هن وقت ساليانو 400 کان 500 ملين آمريڪي ڊالرن جي ماليت جي ويڪسين گهرائيندو آهي جنهن ۾ عالمي ادارو گاوي، ڊبليو ايڇ او، يونيسيف ۽ گيٽس فائونڊيشن جي مدد شامل آهي. موجوده مرحلي ۾ پاڪستان 51 سيڪڙو لاڳت پاڻ برداشت ڪندو آهي جڏهن ته 2031ع تائين هي عالمي مدد مڪمل طور تي ختم ٿي ويندي ۽ پاڪستان کي ويڪسين جي مڪمل لاڳت پاڻ برداشت ڪرڻي پوندي جنهن جو ڪاٿو ساليانو 1.2 بلين آمريڪي ڊالرز آهي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن وقت سر متبادل انتظام نه ڪيا ويا ته ويڪسينيشن پروگرام متاثر ٿي سگهي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ بيمارين ۾ اضافو ۽ صحت جي نظام تي سخت دٻاءُ پوندو. وفاقي وزير ٻڌايو ته انهي روشني ۾ پاڪستان ويڪسين جي مقامي تياري لاءِ سعودي عرب ۽ انڊونيشيا سان اعليٰ سطحي ڳالهيون ڪيون. سعودي عرب جي صحت واري وزير ۽ صنعت واري وزير سان ڪيترين ئي ملاقاتن کانپوءِ گڏيل تعاون تي اتفاق ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ سعودي حڪومت جو 11 رڪني اعليٰ سطحي وفد ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهتو. هن ٻڌايو ته وفد پاڪستان ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (اين آءِ ايڇ)، ريگيوليٽري ادارن، نجي شعبي ۽ ايس آءِ ايف سي جي نمائندن سان ملاقاتون ڪيون ۽ پاڪستان جي فني صلاحيتن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير موجب پاڪستان پهريون ڀيرو قومي ويڪسين پاليسي جوڙي آهي جنهن ۾ حڪومت طرفان ويڪسين خريداري جي گارنٽي، ويڪسين الائنس جو قيام ۽ ڏيهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ واضح فريم ورڪ شامل آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته انڊونيشيا جي سرڪاري بائيو فارما ڪمپني سان به ٽيڪنالاجي ٽرانسفر ۽ تعاون جي معاهدن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي ۽ سعودي عرب، انڊونيشيا ۽ پاڪستان وچ ۾ ٽه ڌرئي تعاون تحت پاڪستان کي ويڪسين پروڊڪشن جو علائقائي مرڪز بڻئڻ جو هدف رکيو ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته ويڪسين جي تياري منافع بخش ڪاروبار ناهي پر هڪ اسٽريٽجڪ قومي ضرورت آهي جنهن ذريعي نه رڳو عوامي صحت کي تحفظ ڏنو ويندو پر مستقبل جي صحت جي بحرانن کان به ملڪ کي بچائي سگهبو. هن ان اڳڀرائي کي پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ هڪ تاريخي ۽ انقلابي قدم قرار ڏيندي چيو ته انشاءُ الله ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان نه رڳو ويڪسين ۾ پاڻڀرو هوندو پر عالمي منڊي ۾ ويڪسين ايڪسپورٽ ڪندڙ ملڪ به بڻجندو. آخر ۾ وفاقي وزير قوم کي دعائن ۽ تعاون جي اپيل ڪندي چيو ته اها ڪاميابي 7 مهينن جي مسلسل محنت، عالمي رابطن ۽ ٺوس پاليسي فيصلن جو نتيجو آهي.











