اسلام آباد-04 فيبروري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ سان جمهوريه قازقستان جي نيشنل بار ايسوسيئيشن جي چيئرمين مرزا گارايف مادي ملاقات ڪئي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان موجب ملاقات دوران ڌرين، پاڪستان ۽ قازقستان جي خوشگوار ۽ مضبوط ٻه طرفن لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو ۽ قانوني ادارن کي مستحڪم بڻائڻ سان گڏوگڏ قانوني برادرين وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي …
مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ سان قازقستان جي نيشنل بار ايسوسيئيشن جي چيئرمين جي ملاقات، قانوني شعبي ۾ سهڪار مضبوط بڻائڻ تي اتفاق

مزید خبریں
اسلام آباد-04 فيبروري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ سان جمهوريه قازقستان جي نيشنل بار ايسوسيئيشن جي چيئرمين مرزا گارايف مادي ملاقات ڪئي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان موجب ملاقات دوران ڌرين، پاڪستان ۽ قازقستان جي خوشگوار ۽ مضبوط ٻه طرفن لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو ۽ قانوني ادارن کي مستحڪم بڻائڻ سان گڏوگڏ قانوني برادرين وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي قانوني تعليم، بارگورننس، پيشيواراڻي تربيت ۽ تجربن جي مٽا سٽا سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل سهڪار جي امڪانن باري تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڌرين چيو ته هو قانوني شعبي ۾ ادارا جاتي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، ٻه طرفي اشتراڪ عمل کي سگهه ڏيڻ ۽ قانون جي بالادستي ۽ انصاف تائين موثر رسائي کي هٿي ڏيڻ لاءِ سهڪار جاري رکنداسين.











