اسلام آباد-04 فيبروري (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته آزادي جي جدوجهد ۾ ڪشميري اڪيلو ناهي، پاڪستان ساڻس ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، ڪشميرين جون لازوال قربانيون رائيگان نه وينديون، آزادي جو سج جلد اڀرندو، ڀارت والاريل وادي ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون بند ڪري، 5 فيبروري کي پوري قوم ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي …
آزادي جي جدوجهد ۾ ڪشميري اڪيلو ناهي پاڪستان ساڻس ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي: انجنيئر امير مقام

مزید خبریں
اسلام آباد-04 فيبروري (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته آزادي جي جدوجهد ۾ ڪشميري اڪيلو ناهي، پاڪستان ساڻس ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، ڪشميرين جون لازوال قربانيون رائيگان نه وينديون، آزادي جو سج جلد اڀرندو، ڀارت والاريل وادي ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون بند ڪري، 5 فيبروري کي پوري قوم ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ رستن تي نڪرندي، ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت کان پوئتي نه هٽنداسين، عالمي برادري گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلو حل ڪرائي. اهڙو اظهار هن حريت اڳواڻ غلام محمد صفي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اڄ جي ڳالهه ٻولهه يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوالي سان آهي جنهن تي پوري پاڪستاني قوم متحد ۽ گڏ آهي. هن چيو ته 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڪشميري ڀارتي ظلم برداشت ڪري رهيا آهن، هزارن جي انگ ۾ نوجوان شهيد ٿيا، مانهن جي گهرن کي ڊاٿو ويو، والاريل ڪشمير ۾ سچ ڳالهائيندڙن کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته والاريل ڪشمير جا اڳواڻ پاڪستانيت ۽ خود اراديت واري حق جي ڳالهه ڪن ٿا، والاريل ڪشمير جا اڳواڻ اها ڳالهه ڪن ٿا ته اسان کي حق ڏنو وڃي. هن چيو ته 5 فيبروي ڪشميرين ۽ سڄي دنيا کي پيغام ڏيڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي، اسان جو هي پيغام آهي ته ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهيون، ڪشميري اڄ به سمورا ظلم برداشت ڪري رهيا آهن، ڪشميري اڪيلا ناهن اسان سڀ ساڻن گڏ آهيون، 5 فيبروري لاءِ سمورن انتظامن جي مانيٽرنگ ڪري رهيا آهيون، 5 فيبروري تي سڄي پاڪستان ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪشمير ڊي جي موقعي تي عوامي زنجير ٺاهي ويندي، ڪشمير جو معاملو هر هڪ پاڪستاني جو مسئلو آهي، پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ مان پيغام وڃڻ گهرجي ته اسان ڪشميرين سان گڏ آهيون، چئني صوبن جي وڏن وزيرن کي خط لکيا آهن، هر صوبي مان ڪشمير لاءِ آواز وڃڻ گهرجي. هر صوبي ۾ ڪشمير جي حوالي سان واڪس ٿيندا. امير مقام چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف مظفر آباد ويندو ۽ قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪندو، حق جي ويڙهه ۾ اسان کي ڪاميابي حاصل ٿي ۽ نئون جذبو مليو. هن چيو ته ڏکڻ آفريقا ۾ هڪ منسٽر چيو ته مئي کانپوءِ پاڪستان هاڻي چيمپئن بڻجي سامهون آيو آهي، فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ شهباز شريف ليڊ ڪيو ۽ اسان جنگ کٽي، پوري دنيا ۾ بيداري آئي آهي، دنيا سمجهي ٿي ته خطي ۾ امن لاءِ ڪشميرين کي سندن حق ڏيڻو پوندو، پاڪستانيت جو جذبو کڻي اڄ 5 فيبروري جي ڏينهن سڀني کي پنهنجو حصو وجهڻ گهرجي، والاريل ڪشمير جيل بڻيل آهي، لکن جي فوج اتي موجود آهي، والاريل ڪشمير ۾ ميڊيا کي ڪا اجازت ناهي ته ڪير ڳالهه ڪري سگهي، اسان اهو واعدو ڪريون ٿا ته ڪشميرين جي حق جي ڳالهه ڪندا رهنداسين. هن چيو ته آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي معطل ڪري ٻاهرين ماڻهن کي والاريل ڪشمير ۾ آباد ڪيو ويو، جيستائين ڪشمير مسئلو حل نه ٿيندو هن خطي ۾ عدم استحڪام رهندو. هن چيو ته ڀارت وٽ جيترو به انگ هجي اسان سر جو جواب پٿر سان ڏيڻ ڄاڻون ٿا، والاريل ڪشمير جي ڀينرن ۽ ڀائرن کي سندن حق ڏيڻو پوندو. 5 فيبروري جي ڏينهن جي مناسبت سان مظفرآباد جي پناهگيرن لاءِ الائونس وڌائي 5 هزار روپيا ڪيو ويو آهي، وزيراعظم شهباز شريف ان حوالي سان باضابطه اعلان مظفرآباد ۾ ڪندو. هن چيو ته حريت ڪانفرنس جي پوري ٽيم کي داد ڏيان ٿو جنهن سڀ ڇڏي ڪري ڪشمير جو معاملو زنده رکيو آهي، ڪشمير بڻجندو پاڪستان. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان وڏي وزير کي واضح ڪيو ته صوبي ۾ جيڪا دهشتگردي ٿي رهي آهي ان تي سڀني کي گڏجي هلڻ گهرجي، وڏي وزير فنانشل اشوز تي به ڊسڪشن ڪئي، فنانس سيڪريٽري بريفنگ ڏني ته هن وقت تائين اسان ڏانهن ڪي به رهتون ناهن. امير مقام چيو ته وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخوا جي ماڻهن جي تڪليف اسان جي تڪليف آهي، خيبرپختونخوا جي عام جي ڳالهه ٿيندي ته وڏي وزير کان ٻه قدم اڳتي بيٺل هونداسين. هن چيو ته جوان قربانيون ڏئي رهيا آهن، ايئن نه ڪرڻ گهرجي ته ادارن خلاف نفرت پکيڙي وڃي، فيلڊ مارشل بهترين ڪردار ادا ڪيو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي حريت اڳواڻ غلام مصطفيٰ صفي چيو ته والاريل ڪشمير جي سمورن ماڻهن طرفان پاڪستان حڪومت ۽ هٿياربند فوج جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جيڪي هر وقت ڪشميرين سان گڏ بيٺل هوندا آهن، پاڪستان جا پنهنجا بي شمار مسئلا آهن پر جهڙي طريقي سان پاڪستاني قوم ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي ان جو ٿورو مڃون ٿا.











