پاڪستان ۽ قازقستان پاران گڏيل اقتصادي لاڳاپن ۽ واپاري ماپي کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي عزم جو اظهار

اسلام آباد- 04 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ قازقستان گڏيل اقتصادي لاڳاپن ۽ واپاري ماپي کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي عزم جو اظهار ڪندي ايندڙ 2 سالن ۾ واپاري ماپو هڪ ارب ڊالر تائين وٺي وڃڻ تي زور ڏيندي واپار ۽ اقتصادي شعبي ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ 5 سالا روڊ ميپ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف وچ ايشيائي رياستن کي پاڪستاني …

اسلام آباد- 04 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ قازقستان گڏيل اقتصادي لاڳاپن ۽ واپاري ماپي کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي عزم جو اظهار ڪندي ايندڙ 2 سالن ۾ واپاري ماپو هڪ ارب ڊالر تائين وٺي وڃڻ تي زور ڏيندي واپار ۽ اقتصادي شعبي ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ 5 سالا روڊ ميپ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف وچ ايشيائي رياستن کي پاڪستاني بندرگاهن جي ذريعي عالمي منڊين تائين پهچ جي موقعن مان فائدو کڻڻ، ريل ۽ روڊ رابطن کي مضبوط بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ 37 معاهدا ٻطرفي تعاون ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندا جڏهن ته قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيووف ٻطرفي لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ بدلائڻ کي هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته قازقستان، ترڪمانستان، افغانستان، پاڪستان ٽرانسپورٽ ڪوريڊور انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان ۽ قازقستان علائقائي ۽ عالمي رابطي جو اهم ذريعو آهن، پاڪستاني ڪمپينن کي قازقستان ۾ ڪاروبار  جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪيو ويندو. پاڪستان – قازقستان بزنس فورم جو انعقاد ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قازقستان جو صدر قاسم جومارت توڪائيووف شريڪ ٿيا.  فورم ۾ قازقستان جي 50 کان وڌيڪ ۽ پاڪستان جي 250 جي لڳ ڀڳ ڪمپنين جي نمائندن شرڪت ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف فورم ۾ شريڪ ڪاروباري برادري جي آجيان ڪندي چيو ته هي ويهڪ اسان جي مستقبل جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته قازقستان جي صدر سان ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، خوشي آهي ته ٻنهي ملڪن جي واپارين جو وڏو انگ فورم ۾ شريڪ آهي. وزيراعظم پاڪستاني بندرگاهن کي وچ ايشيائي رياستن جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان وچ ايشيائي رياستن کي واپار جي لاءِ پنهنجي بندرگاهن جي ذريعي ويجهو ترين رستو فراهم ڪري سگهي ٿو، قازقستان پنهنجي مصنوعات گوادر ۽ ڪراچي پورٽ جي ذريعي برآمد ڪري سگهي ٿو. هن ترڪمانستان، افغانستان جي رستي قازقستان سان ريل ۽ روڊ رابطي کي مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته قازقستان سان ريل ۽ روڊ رابطي کي مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا، اهو منصوبو گيم چينجر هوندو ۽ نه رڳو پاڪستان ۽ قازقستان پرخطي جي اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿوم، پاڪستان ان منصوبي جي لاءِ پوري طرح تيار آهي. وزيراعظم موجوده واپاري ماپو جيڪو 250 ملين ڊالر آهي، کي اصل صلاحيت کان تمام گهٽ قرار ڏيندي چيو ته اهو ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻي لاڳاپن جي صحيح عڪاسي نه ٿو ڪري، پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ واپاري ماپي ۾ اضافي جا وسيع موقعا موجود آهن، ايندڙ 2 سالن م واپاري ماپو هڪ ارب ڊالر تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ پرعزم آهيون ۽ ان هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. وزيراعظم قازقستان جي دوري جي دعوت تي صدر قاسم جومارت توڪائيووف جا ٿورا ادا ڪندي چيو ته هو خوشي سان اها دعوت قبول ڪري ٿو. وزيراعظم ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن واپار ۽ اقتصادي شعبي ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ 5 سالا روڊ ميپ تي اتفاق ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ احسن اقبال پاڪستاني سائيڊ جڏهن ته قازقستان جو نائب وزيراعظم قازقستان پاران سربراهي ڪندا. وزيراعظم چيو ته هي چئلينجز کي قبول ڪندي دوستاڻي، ڪاروباري ۽ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جو وقت آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ 37 معاهدا ٻطرفي تعاون ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندا. وزيراعظم چيو ته 23 سالن کانپوءِ ڪنهن به قازق صدر جو پاڪستان جو هي پهريون سرڪاري دورو آهي جيڪو سندس پاڪستان سان والهاڻي محبت جي عڪاسي ڪري ٿو، ان کان اڳ 2004ع ۾ صدر نور سلطان دوري تي آيو هو. هن صدر قاسم جومارت توڪائيووف جي ويزن، تجربي ۽ مهارت کي ساراهيندي چيو ته هو ڏهاڪن کان چين، روس ۽ گڏيل قومن سميت عالمي فورمز تي پڻ خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي. قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيووف فورم کي خطاب ڪندي چيو ته بزنس فورم جي انعقاد تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ٿورائتو آهيان، ٻطرفي لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ بدلائڻ هڪ اهم سنگ ميل آهي، ٻنهي ملڪن اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي عزم جو اظهار ڪندي سياحت، زراعت، تعليم، آءِ ٽي، صحت سميت ٻين شعبن ۾ تعاون تي اتفاق ڪيو آهي، ايندڙ 2 سالن ۾ گڏيل واپاري ماپي کي هڪ ارب ڊالر تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. قازقستان جي صدر چيو ته بين الحڪومتي ڪميشن جي ذريعي بزنس رابطن کي فروغ ڏنو ويندو، قازقستان ۾ ڪاروبار جي لاءِ وسيع ۽ پرڪشش موقعا موجود آهن ۽ ڪيتريون ئي پاڪستاني ڪمپنيون ان مان فائدو کڻي رهيون آهن، پاڪستاني ڪمپنين کي قازقستان ۾ ڪاروبار جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪيو ويندو. هن پاڪستان ۽ قازقستان کي علائقائي ۽ عالمي رابطن جو اهم ذريعو قرار ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون خطي جي لاءِ خوش آئنده آهي. هن قازقستان، ترڪمانستان، افغانستان، پاڪستان ٽرانسپورٽ ڪوريڊور انتهائي اهميت رکندڙ قرار ڏيندي چيو ته لاجسٽڪس ۽ ڪارگو جو جديد نظام علائقائي ۽ عالمي رابطن جي لاءِ مددگار ٿيندو. هن زراعت جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي وسيع امڪانن ۽ موقعن جو ذڪر ڪندي چيو ته ٻئي ملڪ زرعي پيداوار ۽ زرعي مصنوعات جي لاءِ تعاون وڌائي عالمي مارڪيٽ ۾ پنهنجو حصو وڌائي سگهن ٿا. هن ڊيجيٽلائيزيشن جي حوالي سان پاڪستان حڪومت جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستاني حڪومت ان سلسلي ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، قازقستان به مصنوعي ذهانت ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي شعبي تي خاص ڌيان ڏئي رهيو آهي، هڪ هزار کان وڌيڪ پاڪستاني شاگرد قازقستان ۾ طب، انجنيئرنگ ۽ ٻين شعبن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. هن ٻنهي ملڪن جي يونيورسٽين جي وچ ۾ تعاون جي معاهدن کي خوش آئنده قرار ڏنو، قازقستان جي صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پنهنجو ڀاءُ ۽ دوست قرار ڏيندي قازقستان جي سرڪاري دوري جي دعوت پڻ ڏني. ان کان اڳ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان بزنس فورم کي خطاب ڪندي هڪ سال ۾ پاڪستان ۽  قازقستان جي وچ ۾ ٻئي بزنس فورم جي انعقاد کي خوش آئنده قرار ڏنو. هن چيو ته وچ ايشيائي رياستن ۾ قازقستان جي معيشت سڀ کان مضبوط آهي، گذريل ٽن سالن ۾ ٻطرفي واپاري ماپي ۾ ٻيڻو اضافو ٿيو آهي، پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ واپاري ماپي ۾ اضافي جا وسيع موقعا موجود آهن. هن ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي کي واپاري سرگرمين جي فروغ جي لاءِ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو ته 50 کان وڌيڪ قازق ڪمپنيون 250 جي لڳ ڀڳ پاڪستاني ڪمپنيون بزنس فورم ۾ شريڪ آهن، وڏي انگ ۾ ڪاروباري شخصيتن جي بزنس فورم ۾ شرڪت گڏيل اعتماد جو مظهر آهي.

مزید خبریں