اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر طارق علي خان ملاقات ڪئي جنهن ۾ عدالتي سڌارن، قانوني نظام جي بهتري ۽ اداره جاتي سهڪار کي هٿي وٺائڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران وفاقي جوڊيشل اڪيڊمي ۾ ڪينيڊين حڪومت جي سهڪار سان جاري عدالتي تربيتي پروگرامز تي به ڳالهيون ڪيون ويون. اهي پروگرامز هاءِ …
قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سان ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر طارق علي خان ملاقات ڪئي جنهن ۾ عدالتي سڌارن، قانوني نظام جي بهتري ۽ اداره جاتي سهڪار کي هٿي وٺائڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران وفاقي جوڊيشل اڪيڊمي ۾ ڪينيڊين حڪومت جي سهڪار سان جاري عدالتي تربيتي پروگرامز تي به ڳالهيون ڪيون ويون. اهي پروگرامز هاءِ ڪميشن آف ڪينيڊا ۽ ايم يو ايس اي ڊبليو آءِ سان گڏ منعقد ڪيو پيو وڃي جنهن جو مقصد ججز جي پيشيواراڻين صلاحيتن ۾ اضافو، جديد عدالتي رجحانن بابت آگاهي ۽ عالمي قانوني تعاون کي هٿي وٺائڻ آهي. وفاقي وزير پاڪستان جي انصاف واري نظام کي مضبوط بڻائڻ ۾ ڪينيڊا جي سهڪار جي تعريف ڪندي چيو ته حڪومت ڪمزور ۽ محروم طبقن لاءِ انصاف تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. هن ٻڌايو ته غريب قيدين ۽ حراست ۾ ورتل ننڍي عمر وارن ماڻهن جي سهولت لاءِ هڪ پائليٽ منصوبو متعارف ڪرايو پيو وڃي. جنهن جي شروعات اسلام آباد ۽ راولپنڊي مان ٿيندي. ان موقعي تي قانون ۽ انصاف بابت وفاقي سيڪريٽري ڪيس مينيجمينٽ سسٽم ۽ پاڪستان ڪوڊ ذريعي قانونن جي ڊجيٽلائيزيشن بابت جاري اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته قانوني مواد جي ڊجيٽل دستيابي شفاف، اثرائتي ۽ انصاف واري جديد نظام جي قيام طرف هڪ اهم قدم آهي. ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي جنهن ۾ ٻنهي ڌرين عدالتي تربيت، قانوني سڌارن ۽ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ سگهه وٺائڻ واري عزم جو ورجاءُ ڪيو.











