اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي) قومي احتساب بيورو (نيب) پاڪستان جي تاريخ جي وڏي مالياتي فراڊ آءِ ايس ايم مارٽ گروپ اسڪينڊل ۾ عوامي مفادن جي تحفظ پاران هڪ ٻي فيصلائتي ڪاميابي حاصل ڪندي متاثرن کي رقم جي واپسي جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. نيب اسلام آباد/ راولپنڊي جي اثرائتي ۽ پيشيواراڻي ڪارروائي جي نتيجي ۾ هن وقت تائين هڪ ارب روپين جي رڪوري مڪمل ٿي چڪي …
آءِ ايس ايم مارٽ گروپ اسڪينڊل ۾ نيب جي وڏي ڪاميابي، 3400 متاثرن ۾ 60 ڪروڙ ورهايا ويا

مزید خبریں
اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي) قومي احتساب بيورو (نيب) پاڪستان جي تاريخ جي وڏي مالياتي فراڊ آءِ ايس ايم مارٽ گروپ اسڪينڊل ۾ عوامي مفادن جي تحفظ پاران هڪ ٻي فيصلائتي ڪاميابي حاصل ڪندي متاثرن کي رقم جي واپسي جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. نيب اسلام آباد/ راولپنڊي جي اثرائتي ۽ پيشيواراڻي ڪارروائي جي نتيجي ۾ هن وقت تائين هڪ ارب روپين جي رڪوري مڪمل ٿي چڪي آهي جنهن جي پهرين مرحلي ۾ 3400 متاثرن ۾ 60 ڪروڙ روپيا ورهيا ويا آهن. نيب هيڊ ڪوارٽر ۾ منعقد تقريب دوران متاثرن ۾ چيڪ ورهايا ويا. تقريب جي صدارت نيب چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (رٽائرڊ) نذير احمد جڏهن ته نيب جي ٻين آفيسرن ۽ وڏي تعداد ۾ متاثرن شرڪت ڪئي.نيب ذريعن موجب ان ڪيس جي مرڪزي جوابدار اي ڪامرس، ريسٽورنٽس ۽ ريئل اسٽيٽ جهڙن جعلي ڪاروبارن جي آڙ ۾ عوام کي غير حقيقي منافعي جي لالچ ڏئي اربين روپيا هڙپ ڪيا ويا. اٽڪل 3400 متاثرن کي مجموعي طور 3.5 ارب روپيا موٽائي ڏنا ويا. مرڪزي جوابدار جولاءِ 2024ع کان نيب جي تحويل ۾ آهي ۽ قانوني گهرجن موجب جاچ جو عمل تيزي سان جاري آهي. ان موقعي تي نيب جي چيئرمين اسلام آباد راولپنڊي جي جاچ ٽيم جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪندي چيو ته نيب تي عوام جو اعتماد ئي اسان جي اصل طاقت آهي. هن اعلان ڪيو ته مستقبل ۾ به ان نوعيت جي فراڊ سان عوام کي بچائڻ لاءِ جلد سڄي ملڪ ۾ آگاهي مهم شروع ڪئي ويندي. تقريب جي پڄاڻي تي نيب چيئرمين اسلام آباد راولپنڊي جي جاچ ٽيم ۾ شيلڊز پڻ ورهايون ۽ ٽيم لاءِ عمره پئڪيج جو به اعلان ڪيو.











