ڪينسر عالمي چئلينج  آهي، اثرائتي علاج ۽ احتياطي تدبيرن سان مرض کان بچي سگهجي ٿو: قومي اسيمبلي جو اسپيڪر

اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي، ته ڪينسر هڪ عالمي چئلينج آهي، اثرائتي علاج ۽ احتياطي تدبيرن سان ڪينسر جهڙي مرض کان بچي سگهجي ٿو. هلندڙ سال جو ڪينسر بابت عالمي ڏهاڙو جنهن جو ٿيم ”يونائٽيڊ باءِ يونيڪ ڪينسر“  هر مريض کي منفرد جدوجهد  جي عڪاسي ڪري ٿو.  انهن خيالن جو اظهار هن ڪينسر جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾  ڪيو.  هن چيو ته …

اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي، ته ڪينسر هڪ عالمي چئلينج آهي، اثرائتي علاج ۽ احتياطي تدبيرن سان ڪينسر جهڙي مرض کان بچي سگهجي ٿو. هلندڙ سال جو ڪينسر بابت عالمي ڏهاڙو جنهن جو ٿيم ”يونائٽيڊ باءِ يونيڪ ڪينسر“  هر مريض کي منفرد جدوجهد  جي عڪاسي ڪري ٿو.  انهن خيالن جو اظهار هن ڪينسر جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾  ڪيو.  هن چيو ته پارليامينٽ ڪينسر جي مريضن جي علاج تائين پهچ ۽ صحت جي نظام کي مربوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. قومي ايڇ پي وي ويڪسينيشن مهم سروائيڪل ڪينسر  کان بچاءَ لاءِ حڪومت جو تاريخي قدم آهي. 9 کان 14 سال جي ٻارڙين کي مفت ايڇ پي وي ويڪسين جي فراهمي واکاڻ جوڳو قدم آهي. اسپيڪر  چيو ته لاهور ۾ جديد ڪو ايبليڪيشن ڪينسر ٽريٽمينٽ سينٽر جو قيام به اهم سنگ ميل آهي، صحتمند طرز زندگي ۽ باقاعده طبي معائنو ڪينسر جي بچاءَ لاءِ موثر آهي. هن چيو ته ڪينسر جي مريضن سان همدردي ۽ هاڪاري رويو اختيار ڪرڻ معاشرتي ذميواري آهي، ڪينسر بابت آگاهي ۽ طبي سهولتن تائين پهچ ڪينسر خلاف جنگ کٽڻ لاءِ اڻٽر آهي.

مزید خبریں