وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ڪويت پهچي وئي

اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ڪويت پهچي وئي، جتي هوءَ ڊجيٽل ڪو آپريشن آرگنائيزيشن  (ڊي سي او) جي پنجين جنرل اسيمبلي ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي ۽ ميمبر ملڪن جي وزيرن ۽ اعليٰ قيادت سان اعليٰ سطح جون ملاقاتون پڻ ڪندي. شزه فاطمه خواجه ڊي سي او جي جنرل اسيمبلي جي افتتاحي سيشن …

اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ڪويت پهچي وئي، جتي هوءَ ڊجيٽل ڪو آپريشن آرگنائيزيشن  (ڊي سي او) جي پنجين جنرل اسيمبلي ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي ۽ ميمبر ملڪن جي وزيرن ۽ اعليٰ قيادت سان اعليٰ سطح جون ملاقاتون پڻ ڪندي. شزه فاطمه خواجه ڊي سي او جي جنرل اسيمبلي جي افتتاحي سيشن کي به خطاب ڪندي. وفاقي وزير آءِ ٽي ڊي سي او جي ٿيميٽڪ وزارتي رائونڊ ٽيبل ۾ شرڪت ڪري ميمبر ملڪن جي وزيرن سان مصنوعي ذهانت، ڊجيٽل ترقي ۽ ان سان لاڳاپيل خطرن جي باري ۾ ڳالهيون ڪندي. ان موقعي تي هوءَ عالمي پاليسي سازن سان ملاقاتون پڻ ڪندي. ڊي سي او جي پريزيڊنسي پاڪستان جي حوالگي واري موقعي تي وفاقي وزير جي تنظيم جي اعليٰ قيادت سان ملاقات جو پڻ امڪان آهي، جڏهن ته تنظيم جي سيڪريٽري جنرل  ديما اليحييٰ سان ملاقات پڻ شيڊيول آهي. دوري دوران وفاقي وزير سعودي عرب جي مواصلات ۽ انفارميشن واري وفاقي وزير، ڪينيا جي انفارميشن ڪميونيڪيشنز ۽ ڊجيٽل اڪانامي واري وزير، روانڊا جي انوويشن ۽ آءِ سي ٽي جي مملڪتي وزير، آّذربائيجان جي ڊجيٽل ڊولپمينٽ ۽ ٽرانسپورٽ جي نائب وزير، ڪويت جي ڪميونيڪشن افيئرز جي مملڪتي وزير سان ٻه طرفه ملاقاتن جو پڻ امڪان آهي. وفاقي وزير ڊي سي او جنرل اسيمبلي جي موقعي تي منعقد سرڪاري دعوت ۽ ڪويت جي ميزباني ۾ ٿيندڙ وزارتي سيشن ۾ پڻ شرڪت ڪندي، جتي هوءَ عالمي نمائندن ۽ قيادت سان ملاقاتون ڪندي.

مزید خبریں