پشاور -04 فيبروري (اي پي پي)خيبر پختونخوا جي حڪومت سڄي صوبي ۾ ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي. جاري ڪيل پڌرائي موجب 5 فيبروري تي سمورا سرڪاري ۽ خانگي ادارا بند رهندا ته جيئن ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪري سگهجي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي صبح جو 10 وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي …
خيبر پختونخوا ۾ ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي عام موڪل جو اعلان

مزید خبریں
پشاور -04 فيبروري (اي پي پي)خيبر پختونخوا جي حڪومت سڄي صوبي ۾ ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي. جاري ڪيل پڌرائي موجب 5 فيبروري تي سمورا سرڪاري ۽ خانگي ادارا بند رهندا ته جيئن ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪري سگهجي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي صبح جو 10 وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي ۽ ڪشميري شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو. جڏهن ته صوبي جي مختلف ضلعن ۾ تقريبون، ريليون، دعائي ميڙاڪا منعقد ڪيا ويندا جن ۾ ڪشميري عوام جي جدوجهد ۽ قربانين تي روشني وڌي ويندي. نوٽيفڪيشن موجب ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد مظلوم ڪشميري عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ آهي.











