اسلام آباد- 04 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، تعليم، راندين، ريلوي، مصنوعي ذهانت ۽ ڊيجيٽل ترقي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ مفاهمت جي 37 مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون، وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ واپاري ماپو وڌائڻ جا ڪيترائي موقعا آهن، هڪ سال ۾ ٻطرفي واپار کي هڪ …
پاڪستان ۽ قازقستان پاران واپار، سيڙپڪاري، توانائي، تعليم، راندين، ريلوي، مصنوعي ذهانت ۽ ڊجيٽل ترقي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ مفاهمت جي 37 يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون

مزید خبریں
اسلام آباد- 04 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، تعليم، راندين، ريلوي، مصنوعي ذهانت ۽ ڊيجيٽل ترقي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ مفاهمت جي 37 مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون، وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ واپاري ماپو وڌائڻ جا ڪيترائي موقعا آهن، هڪ سال ۾ ٻطرفي واپار کي هڪ ارب ڊالر تائين پهچائڻ جو هدف آهي، گڏيل ڪوششن سان اقتصادي ۽ واپاري تعاون جا هدف حاصل ڪنداسين، مختلف شعبن ۾ تعاون جا معاهدا ۽ مفاهمت جون يادداشتون ٻطرفي لاڳاپن کي وڌائڻ جي عزم جا عڪاس آهن، اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جو معاهدو انتهائي اهميت جوڳو آهي. ٻئي ملڪ غزه امن بورڊ جا ميمبر پڻ آهن، دُعا آهي ته غزه ۾ مستقل امن ۽ خوشحالي اچي، جڏهن ته قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيووف چيو ته پاڪستان قازقستان جو هڪ قابل اعتماد دوست ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنر آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ملي رهيو آهي. هڪ ارب ڊالر جو واپاري هدف حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي اڳتي وڌنداسين، خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، دفاع جي شعبي ۾ پُڻ پاڪستان جي ترقي عالمي سطح تي تسليم ڪئي وڃي ٿي، پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ پرعزم آهيون، پاڪستاني سيڙپڪارن کي پرڪشش ڪاروباري موقعا فراهم ڪنداسين. وزيراعظم هائوس ۾ پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن جي دستاويزن جي مٽاسٽا واري تقريب ٿي. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قازقستان جو صدر قاسم جومارت توڪايووف پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪايووف پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري قائم ڪرڻ جي گڏيل پڌرنامي تي صحيحون ڪيون. مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ مجموعي طور تي 37 مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون جڏهن ته 19 دستاويزن جي مٽاسٽا ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ قازقستان جي نائب وزيراعظم ۽ قومي معيشت واري وزير پيٽروليم، کاڻين جي کوٽائي ۽ جيو سائنسز جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت، دفاع واري وزير خواجه محمد آصف ۽ قازقستان جي دفاع واري وزير گڏيل قومن ۾ امن دستن جي گڏيل مقرري جي مفاهمت جي يادداشت، گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري ۽ قازقستان جي پراسيڪيوٽر جنرل قيدين جي مٽاسٽا بابت معاهدي، سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري ۽ قازقستان جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ميري ٽائيم جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ قازقستان جي واپار واري وزير ٽرانزٽ ٽريڊ جي معاهدي، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ قازقستان جي نائب وزيراعظم ۽ قومي معيشت واري وزير ڪسٽمز جي معاملن ۾ تعاون جي مفاهمت جي يادداشت، ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ۽ قازقستان جي ٽرانسپورٽ واري وزير ريلوي جي شعبي ۾ مفاهمت جي يادداشت، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي ۽ ريسرچ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ قازقستان جي نائب وزيراعظم ۽ معيشت واري وزير پلانٽ پروٽيڪشن ۾ تعاون جي معاهدي ۽ ويٽرنري ميڊيسن جي شعبي ۾ تعاون جي معاهدي، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ قازقستان جي سائنس ۽ اعليٰ تعليم واري وزير مصنوعي ذهانت ۽ ڊيجيٽل ترقي جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت، قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال ۽ قازقستان جي نائب وزيراعظم ۽ قومي معيشت واري وزير صحت جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ قازقستان جي صدر جي ٽي وي ۽ ريڊيو ڪمپليڪس بابت ڊائريڪٽر جنرل ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۽ قازقستان جي سرڪاري ريپبلڪن ٽي وي جي وچ ۾ خبرن جي مٽاسٽا جي مفاهمت جي يادداشت، ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ قازقستان جي ٽرانسپورٽ واري وزير موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي تحفظ جي شعبي ۾ تعاون جي مفاهمت جي يادداشت، تعليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ قازقستان جي سائنس ۽ اعليٰ تعليم واري وزير وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت ۽ الفارابي قازق نيشنل يونيورسٽي جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد ۽ قازقستان جي سفير بئنڪاري جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت، ثقافت ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب خان کچي ۽ قازقستان جي سائنس ۽ اعليٰ تعليم واري وزير ثقافت ۽ انساني همدرديءَ جي بنياد تي تعاون جي لاءِ ايڪشن پلان، ڊائريڪٽر جنرل نيشنل لاجسٽڪس سيل (اين ايل سي) ميجر جنرل فرخ شهزاد رائو ۽ قازقستان جي چيئرمين مئنيجمينٽ بورڊ نيشنل لاجسٽڪ سيل ۽ قازقستان جي ڪزٽي زي ايڪسپريس جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت، مملڪتي وزير بلال بن ثاقب ۽ قازقستان جي سفير پاڪستان ورچوئل ايسيٽس ريگيوليٽري اٿارٽي ۽ قازقستان جي مصنوعي ذهانت ۽ ڊيجيٽل ڊيولپمينٽ واري وزارت جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت ۽ چيئرمين ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ريئر ايڊمرل شاهد احمد ۽ قازقستان جي ٽرانسپورٽ واري وزير معلومات جي مٽاسٽا ۽ پروفيشنل ڊيولپمينٽ جي لاءِ قازقستان جي ڪمرشل سي پورٽ جي جائنٽ سٽاڪ اڪتائو انٽرنيشنل ڪمپني ۽ ڪراچي پورٽ ميري ٽائيم ايڊمنسٽريشن جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت جي دستاويزن جي مٽاسٽا ڪئي. ان کانسواءِ ڏوهن جي روڪٿام جي لاءِ تعاون جي معاهدي، قازقستان جي سوخان يونيورسٽي ۽ نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگوئيجز (نمل) جي وچ ۾ تعاون جي معاهدي، پلانٽ پروٽيڪشن جي شعبي ۾ زرعي تحقيقي ڪائونسل ۽ قازق ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت، پاڪستان ٽيليويزن ۽ خبر ايجنسي آف قازقستان جي وچ ۾ براڊ ڪاسٽنگ جي شعبي ۾ تعاون جي مفاهمت جي يادداشت، پاڪستان جي ايگنائيڊ ٽيڪنالاجي فنڊ ۽ قازقستان جي اٽانومس ڪلسٽر فنڊ جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت، نيشنل يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي پاڪستان ۽ قازقستان جي نيشنل ريسرچ ٽيڪنيڪل يونيورسٽي جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت، ڪاٽن ريسرچ بابت تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت، قازقستان جي آستانه ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت، آستانه ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز لاهور جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت، آستانه آءِ ٽي يونيورسٽي ۽ غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت، عالمي اسلامي يونيورسٽي ۾ احمد يسوي ريسرچ سينٽر قائم ڪرڻ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت، قائداعظم يونيورسٽي ۾ الفارابي سينٽر قائم ڪرڻ بابت مفاهمت جي يادداشت، قازقستان جي فارن پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۽ انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت، پاڪستان جي نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽ ۽ قازقستان جي ثقافت ۽ اطلاعات واري وزارت جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت ۽ قازق انسٽيٽيوٽ آف اسٽينڊرڊ رائيزيشن ۽ ميٽارالوجي ۽ پاڪستان اسٽينڊرڊ اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول جي وچ ۾ تعاون جي معاهدي تي عملدرآمد جي لاءِ دستاويزن تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسان پنهنجي ڀاءُ صدر قاسم جومارت توڪائيووف ۽ سندس وفد کي پاڪستان جي دوري تي ڀليڪار چئُون ٿا. هي دورو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي هڪ نئون رخ ڏيڻ لاءِ تمام اهم آهي، قازقستان جي ڪنهن به صدر جو 23 سالن کانپوءِ پاڪستان جو پهريون دورو آهي، صدر قاسم جومارت توڪائيووف سان لاڀائتي ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته طئه ٿيندڙ مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن تي عملدرآمد لاءِ پرعزم آهيُون، معاهدن جي حقيقت جو رُوپ اختيار ڪرڻ سان معاشي ۽ ثقافتي تعاون ۾ اضافو ٿيندو، صدر قاسم جومارت توڪائيووف جي لاءِ نشان پاڪستان جو اعزاز ڏيڻ ويجهن لاڳاپن جو عڪس آهي. هن چيو ته غزه ۾ امن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ بورڊ آف پيس هڪ اهم فورم آهي، پاڪستان ۽ قازقستان پڻ غزه امن بورڊ جا ميمبر آهن، اهي دُعاڳو آهيُون ته غزه ۾ مستقل امن ٿئي ۽ خوشحالي اچي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ماپي ۾ اضافي جا ڪيترائي موقعا آهن، هڪ سال ۾ ٻطرفي واپار کي هڪ ارب ڊالر تائين پهچائڻ جو هدف آهي. گڏيل ڪوششن سان اقتصادي ۽ واپاري تعاون جا هدف حاصل ڪنداسين، پاڪستان ۽ قازقستان توانائي جي شعبي ۾ به تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهن ٿا. هن چيو ته مختلف شعبن ۾ تعاون جا معاهدا ٻطرفي لاڳاپن کي وڌائڻ جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿا، ڀائيواري کي فروغ ڏيندي تعاون جا نوان رستا ڳولڻ لاءِ پرعزم آهيون، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ طئه ٿيل معاهدا ٻطرفي لاڳاپن تي ڏُور رس اثر وجهندا، پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جو معاهدو انتهائي اهميت جوڳو آهي. ان موقعي تي قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيووف چيو ته ڀرپُور استقبال ۽ شاندار مهمان نوازي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورائتا آهيُون، دوست ملڪ پاڪستان جي دورو سان وڏي خوشي ٿي آهي. پاڪستان قازقستان جو هڪ قابل اعتماد دوست ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنر آهي، ٻئي ملڪ گڏيل قدرن ۽ روايتن جا امين آهن. گڏيل اعلان ۽ معاهدا ٻطرفي لاڳاپن جي حوالي سان اهميت جوڳا آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا مضبوط ڪرڻ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اهم ڪردار کي مڃُون ٿا، خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، دفاعي شعبي ۾ پُڻ پاڪستان جي ترقي عالمي سطح تي تسليم ڪئي وڃي ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تمام گهڻي مثبت ۽ لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته ٻنهي مُلڪن جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ملي رهيو آهي، هڪ ارب ڊالر جو واپاري هدف حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي اڳتي وڌنداسين، پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ پرعزم آهيون، ٽرانزٽ ٽريڊ، ڪراچي ۽ گوادر بندرگاهن جي استعمال تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هوائي رابطا پڻ وڏي اهميت وارا آهن، پاڪستا ۽ قازقستان جي وچ ۾ راندين جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ اسپورٽس سينٽر جو قيام انتهائي اهم اڳڀرائي آهي، ثقافت جي شعبي ۾ تعاون سان عوام جي سطح تي رابطا وڌندا. قازقستان جي صدر چيو ته پيداواري شعبي ۾ پاڪستان کي پروڊڪشن پلانٽ هڻڻ جي دعوت ڏيون ٿا، اسلامي فنانس ۾ به پاڪستان جو اهم مقام آهي، اسلامي فنانسنگ جي شعبي ۾ تعاون ۾ اضافو چاهيُون ٿا، سائنس، تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته اسان ڳالهين ذريعي مسئلن جي حل تي يقين رکون ٿا، هي دورو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جي شروعات آهي، قازقستان پاڪستاني سيڙپڪارن کي ڪاروبار جي لاءِ پُرڪشش موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.











