قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيووف جو وزيراعظم هائوس آمد تي گرمجوشي سان استقبال

اسلام آباد- 04 فيبروري (اي پي پي) قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيووف جو وزيراعظم هائوس آمد تي گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف قازق صدر جو شاندار استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گرمجوشي سان هٿ ملايو ۽ انهن جي وچ ۾ خوشگوار جُملن جي ڏي وٺ ٿي. اربع ڏينهن قازقستان جي صدر جي اعزاز ۾ وزيراعظم هائوس ۾ هڪ باضابطا آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي، هٿياربند …

اسلام آباد- 04 فيبروري (اي پي پي) قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيووف جو وزيراعظم هائوس آمد تي گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف قازق صدر جو شاندار استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گرمجوشي سان هٿ ملايو ۽ انهن جي وچ ۾ خوشگوار جُملن جي ڏي وٺ ٿي. اربع ڏينهن قازقستان جي صدر جي اعزاز ۾ وزيراعظم هائوس ۾ هڪ باضابطا آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي، هٿياربند فوج جي دستي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو. قاسم جومارت توڪائيووف گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا پڻ وڄايا ويا. قازقستان جي صدر پنهنجي وفد جي ميمبرن جو وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تعارف ڪرايو، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف ڪابينا جي ميمبرن جو قازقستان صدر سان تعارف ڪرايو. قاسم جومارت توڪائيووف وزيراعظم هائوس جي اڱڻ ۾ هڪ ٻوٽو پڻ لڳايو. قاسم جومارت توڪائيووف صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقاتون ڪندو. ان کانسواءِ پاڪستان-قازقستان بزنس فورم کي پڻ خطاب ڪندو. هي دورو ٻنهي ملڪن لاءِ ٻطرفي لاڳاپن جو جامع جائزو وٺڻ، تعاون جي نون موقعن تي غور ڪرڻ، خاص طور تي واپار، لاجسٽڪس، علائقائي رابطي، عوامي رابطن جي واڌاري ۽ علائقائي ۽ عالمي فورمن تي تعاون جي امڪانن کي ڳولڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪندو. قازق صدر جو دورو پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو، تاريخي ۽ ثقافتي ويجهڙائي کي اثرائتي عملي تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جي گڏيل عزم کي اجاگر ڪري ٿو ۽ خطي ۾ امن ۽ ترقي لاءِ ٻنهي ملڪن جي گڏيل خواهش کي ظاهر ڪري ٿو.

مزید خبریں