صدر پاران سريلنڪا جي 78هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪُون

اسلام آباد- 04 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سريلنڪا جي 78هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان حڪومت ۽ عوام پاران سريلنڪا جي صدر انورا ڪمارا ڊسا نائيڪي، حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ صدر چيو ته هي اهم ڏينهن سريلنڪا جي عوام جي اتحاد جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ انهن جي پرعزم قومي سفر جي تسلسل کي ظاهر ڪري …

اسلام آباد- 04 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سريلنڪا جي 78هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان حڪومت ۽ عوام پاران سريلنڪا جي صدر انورا ڪمارا ڊسا نائيڪي، حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ صدر چيو ته هي اهم ڏينهن سريلنڪا جي عوام جي اتحاد جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ انهن جي پرعزم قومي سفر جي تسلسل کي ظاهر ڪري ٿو جيڪو ڀرپور ثقافتي ورثي ۽ مشڪلاتن جو ڄمي مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت سان جوڙيو آهي، پاڪستان ۽ سريلنڪا جي دوستي وقت جي ڪسوٽي تي پوري لٿي آهي ۽ اسان هر مشڪل ۽ آسان گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج سريلنڪا جي عوام پاران ڏنل ذميواري تحت انهن جي وطن مان دهشتگردي جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته آئون ڏکڻ ايشيا ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ سريلنڪا جي ڪردار کي پڻ ساراهيان ٿو جتي ڪولمبو ۾ سارڪ جي ڇهين (1991ع)، 10هين (1998ع) ۽ 15هين (2008ع) سربراهي اجلاس ٿيا، اها ڳالهه افسوسناڪ آهي ته ڀارت رڳو ان جي ڪري اڳيون سربراهي اجلاس پاڪستان ۾ ٿيڻو هو، سارڪ جي روح جي خلاف ورزي ڪندي اٽڪل 12 سالن کان انهن اجلاسن کي معطل ڪري رکيو آهي، مون کي اميد آهي ته سريلنڪا ۽ پاڪستان ڏکڻ ايشيائي سلامتي ۽ سارڪ جي بحالي جي لاءِ گڏيل تعاون جاري رکندا، پاڪستان ۽ سريلنڪا جا لاڳاپا پراڻا ۽ ڀائراڻا آهن جيڪي گڏيل اعتماد، خيرسگالي ۽ گڏيل قدرن تي قائم آهن، ماضي ۾ ٻنهي ملڪن چئلينجز دوران ۽ ڪاميابين جي لمحن ۾ پڻ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. مون کي يقين آهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا ۽ اسان جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون جو رشتو ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندو ويندو.

مزید خبریں