وزيراعظم پاران ڪينسر جي موذي مرض جي شڪار مريضن سان يڪجهتي جو اظهار

اسلام آباد- 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪينسر جي موذي مرض جي شڪار مريضن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪينسر جي خلاف جدوجهد رڳو هڪ طبي چئلينج ئي نه آهي پر اها جنگ هڪ گڏيل قومي ذميواري آهي جيڪا همدرديءَ، حوصلي ۽ گڏيل ڪوششن جي گهرجائو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪينسر جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو …

اسلام آباد- 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪينسر جي موذي مرض جي شڪار مريضن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪينسر جي خلاف جدوجهد رڳو هڪ طبي چئلينج ئي نه آهي پر اها جنگ هڪ گڏيل قومي ذميواري آهي جيڪا همدرديءَ، حوصلي ۽ گڏيل ڪوششن جي گهرجائو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪينسر جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو جيڪو اڄ اربع ڏينهن ملهايو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اڄ پاڪستان ڪينسر جي عالمي ڏينهن ي دنيا سان هڪ آواز ٿي ان موذي مرض کان متاثر سمورن ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ۽ متاثرين تي ان مرض جي بار کي گهٽ ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. هن چيو ته ڪينسر جي خلاف جدوجهد رڳو طبي چئلينج ئي نه آهي پر اها جنگ هڪ گڏيل قومي ذميواري آهي جيڪا همدرديءَ، حوصلي ۽ گڏيل ڪوششن جي گهرجائو آهي، پاڪستان حڪومت پاليسي سڌارن ۽ وسيع تر حصيدارين جي ذريعي خاص طور تي گذريل هڪ سال م ڪينسر جي خلاف قومي ردعمل کي وڌيڪ موثر، ٺوس ۽ مضبوط بڻايو آهي. هن چيو ته سرڪاري ۽ نجي شعبي جي گڏيل تعاون سان پٺتي پيل طبقن سان تعلق رکندڙ ڪينسر جي مريضن کي زندگي بچائڻ واري علاج جي فراهمي ۽ علاج ۾ ايندڙ مالي ۽ جاگرافيائي رڪاوٽن کي گهٽ ڪرڻ ۾ خاطرخواهه ڪاميابي ملي آهي. هن چيو ته حڪومت ڪينسر جي روڪٿام جي لاءِ هڪ جامع قومي حڪمت عملي جي تياري تي پڻ سرگرم عمل آهي ته جيئن ان مرض کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومي صلاحيت کي مستحڪم انداز ۾ استعمال ۾ آڻي سگهجي، ان ڏس ۾ حڪومت قومي ۽ صوبائي سطح تي جامع قدمن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي جن ۾ خاص طور تي ڪمزور ۽ محروم طبقن جي مدد سرفهرست آهي، مجموعي طور تي صحت جي شعبي ۾ بنيادي ڍانچي جي اصلاح، تحقيق ۽ سائنسي ثبوتن تي ٻڌل فيصلن تي سيڙپڪاري اسان جي حڪمت عملي جو اهم حصو آهي. وزيراعظم چيو ته ڪينسر جي خطرناڪ اثرن ۾ گهٽتائي جي لاءِ ان جي ڦهلاءُ ۾ روڪٿام اهم حيثيت رکي ٿو، عوامي سطح تي صحتمند طرز زندگي جي فروغ ۽ آگاهي جي لاءِ ڪميونٽيز، سول سوسائٽي، نجي شعبي ۽ ميڊيا جي فعال شموليت لازمي آهي. هن چيو ته اڄ جي خصوصي ڏينهن تي آئون انفرادي ۽ اجتماعي، سماجي ۽ عوامي سطح تي سمورين لاڳاپيل ڌرين کي اپيل ڪريان ٿو ته ان موذي مرض جي خلاف انساني صحت جي تحفظ جي ان گڏيل مشن جي لاءِ متحد ٿي وڃن، حڪومتي ۽ نجي سطح تي گڏيل تعاون ۽ هم آهنگي سان اسان ان مرض جي وقت سر تشخيص، موثر علاج ۽ همدرداڻي نگهداشت کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو، سچي نيت تي ٻڌل گڏيل تعاون ۽ گڏيل ڪوششن سان ئي اسان ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ صحتمند ۽ مضبوط پاڪستان جي ضمانت ڏئي سگهون ٿا. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 18:36

مزید خبریں