پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف سان ليبيا جي عرب هٿياربند فوج جي ڊپٽي ڪمانڊر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل صدام خليفه حفتر جي ملاقات

اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف سان ليبيا جي عرب هٿياربند فوج جي ڊپٽي ڪمانڊر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل صدام خليفه حفتر نيول هيڊڪوارٽرز اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب نيول هيڊڪوارٽرز آمد تي چيف آف دي نيول اسٽاف معزز مهمان جي آجيان ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن، خطي جي ميري ٽائيم سيڪيورٽي جي اڀرندڙ …

اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف سان ليبيا جي عرب هٿياربند فوج جي ڊپٽي ڪمانڊر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل صدام خليفه حفتر نيول هيڊڪوارٽرز اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب نيول هيڊڪوارٽرز آمد تي چيف آف دي نيول اسٽاف معزز مهمان جي آجيان ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن، خطي جي ميري ٽائيم سيڪيورٽي جي اڀرندڙ صورتحال، دفاع ۽ عسڪري تربيت جي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي طريقن تي ڳالهيون ڪيون. ليفٽيننٽ جنرل صدام خليفه حفتر علائقائي امن ۽ بحري تحفظ لاءِ پاڪ بحريه جي اهم ڪردار جي تعريف ڪئي. ٻنهي اڳواڻن موجوده ٻطرفي دفاعي لاڳاپن جي دائري ڪار کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں