مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار يوسف جي صدارت هيٺ86 زيارت گروپ آرگنائزرز ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا

اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار يوسف جي صدارت هيٺ86 زيارت گروپ آرگنائزرز ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي تقريب منعقد ٿي. ان موقعي تي وفاقي وزير ٻڌايو ته وزارت سان رجسٽرڊ زيارت گروپ آرگنائزرز جو مجموعي انگ 260 ٿي ويو آهي، جڏهن ته سمورن مجاز ڪمپنين جي فهرست وزارت جي ويب سائيٽ تي دستياب آهي. سردار محمد يوسف چيو ته حڪومتي ويزن موجب ايران ۽ …

اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار يوسف جي صدارت هيٺ86 زيارت گروپ آرگنائزرز ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي تقريب منعقد ٿي. ان موقعي تي وفاقي وزير ٻڌايو ته وزارت سان رجسٽرڊ زيارت گروپ آرگنائزرز جو مجموعي انگ 260 ٿي ويو آهي، جڏهن ته سمورن مجاز ڪمپنين جي فهرست وزارت جي ويب سائيٽ تي دستياب آهي. سردار محمد يوسف چيو ته حڪومتي ويزن موجب ايران ۽ عراق جي زيارت کي جامع ۽ منظم بڻائڻ لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن ۽ پرڏيهي وزارت جي ذريعي سفارتخانن کي هدايت ڏني وئي آهي ته صرف مجاز ڪمپنين کي ويزا جاري ڪيا وڃن. هن نون رجسٽرڊ آرگنائزرز کي زائرين کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ ٻڌايو ته ڪمپنين جي موثر مانيٽرنگ لاءِ اين آءِ ٽي بي جي تعاون سان ڊجيٽل نظام متعارف ڪرايو پيو وڃي. وفاقي وزير نئين  نظام کي وقت سر جاري ڪرڻ تي وفاقي سيڪريٽري ڊاڪٽر ساجد چوهاڻ ۽ زيارت جي شعبي جي ڪوششن کي ساراهيو.

مزید خبریں