ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ ڀرپاسي وارن جابلو علائقن ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات/ هلڪي برفباري جو امڪان آهي، اتر اوڀر پنجاب جي علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي صبح …

اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ ڀرپاسي وارن جابلو علائقن ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات/ هلڪي برفباري جو امڪان آهي، اتر اوڀر پنجاب جي علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي صبح جو هلڪي کان وچولي ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏهن ته مٿانهين ۽ وچولي علائقن ۾ موسم جزوي جهڙالي رهي، جڏهن ته اتر بلوچستان، گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ ڀرپاسي جابلو علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات ٿي.

مزید خبریں