اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان اوورسيز فائونڊيشن جي چيئرمين سيد قمر رضا ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اوورسيز پاڪستانين جي معاملن ۽ انهن جي ڀلائي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر آفيس مان جاري بيان مطابق ملاقات دوران سيد قمر رضا، گورنر فيصل ڪريم ڪندي کي اوورسيز پاڪستانين لاءِ کنيل قدمن ۽ جاري منصوبن کان آگاهه ڪيو، …
فيصل ڪريم ڪنڊي سان اوورسيز فائونڊيشن جي چيئرمين سيد قمر رضا جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان اوورسيز فائونڊيشن جي چيئرمين سيد قمر رضا ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اوورسيز پاڪستانين جي معاملن ۽ انهن جي ڀلائي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر آفيس مان جاري بيان مطابق ملاقات دوران سيد قمر رضا، گورنر فيصل ڪريم ڪندي کي اوورسيز پاڪستانين لاءِ کنيل قدمن ۽ جاري منصوبن کان آگاهه ڪيو، جنهن جو مقصد اوورسيز ڪميونٽي کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. گورنر اوورسيز ڪميونٽي جي حوالي سان سيد قمر رضا ۽ اوورسيز فائونڊيشن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جا قيمتي اثاثا آهن ۽ انهن جي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪيو ويندو. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته اوورسيز ڪميونٽي لاءِ سهولتن کي هٿي وٺرائڻ ۽ انهن جي اعتماد کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ قدم جاري رکيا ويندا.











