شب برات الله تعاليٰ جي رحمت، مغفرت ۽ ماڻهن جي بخشش جي رات آهي: سينيٽ جو وقتي چيئرمين سيدال خان ناصر

اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان ناصر چيو آهي ته شب برات الله تعاليٰ جي رحمت، مغفرت ۽ ماڻهن جي بخشش جي رات آهي، جيڪا انسان کي پنهنجي زندگي جو احتساب ڪرڻ، گناهن کان توبهه ڪرڻ ۽ رب ڪريم طرف خلوص دل سان رجوع ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي. شب برات جي بابرڪت موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ هن …

اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان ناصر چيو آهي ته شب برات الله تعاليٰ جي رحمت، مغفرت ۽ ماڻهن جي بخشش جي رات آهي، جيڪا انسان کي پنهنجي زندگي جو احتساب ڪرڻ، گناهن کان توبهه ڪرڻ ۽ رب ڪريم طرف خلوص دل سان رجوع ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي. شب برات جي بابرڪت موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ هن ان عظيم رات جي روحاني فضيلت ۽ اهميت کي اجاگر ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ هن مقدس رات جي صدقي پاڪستان کي امن، استحڪام ۽ خوشحالي عطا فرمائي، مسلمان امت کي درپيش ڏکيائين جو خاتمو ڪري ۽ اسان کي رواداري، خيرسگالي ۽ گڏيل احترام جي جذبي سان اڳتي وڌڻ جي توفيق عطافرمائي. هن چيو ته شب برات تي عبادت، دعا ۽ انسانيت جي خدمت جي جذبي تحت گذاري وڃي ته جئين هي بابرڪت رات اسان جي انفرادي ۽ اجتماعي زندگي ۾ مثبت تبديلي جو ذريعو بڻجي سگهي. 

مزید خبریں