اسلام آباد- 03 فيبروري (اي پي پي) قازقستان جو صدر قاسم جومارت توڪايووف 2 ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو. صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف نور خان ايئربيس تي سندس شاندار استقبال ڪيو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي ڪابينا جا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار پڻ قازقستان جي صدر جي استقبال لاءِ موجود هئا. قازقستان جو صدر جهاز کان ٻاهر آيو ته …
قازقستان جو صدر قاسم جومارت توڪايووف 2 ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد- 03 فيبروري (اي پي پي) قازقستان جو صدر قاسم جومارت توڪايووف 2 ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو. صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف نور خان ايئربيس تي سندس شاندار استقبال ڪيو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي ڪابينا جا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار پڻ قازقستان جي صدر جي استقبال لاءِ موجود هئا. قازقستان جو صدر جهاز کان ٻاهر آيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ساڻس گرمجوشي سان هٿ ملايو. روايتي لباس پهريل ٻارن کيس گل پيش ڪيا. قازقستان جي صدر جي ان موقعي تي صدر ۽ وزيراعظم سان خوشگوار جملن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي ملڪن جا جهنڊا پڪڙيل ٻارن معزز مهمانن کي ڀليڪار ڪيو، قاسم جومارت توڪايووف هٿ لوڏي استقبال جي لاءِ موجود ٻارن کي جواب ڏنو. قازقستان جي صدر کي 21 توپن جي سلامي پڻ ڏني وئي. قاسم جومارت توڪايووف صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقاتون ڪندو. ان کانسواءِ هو پاڪستان قازقستان بزنس فورم کي خطاب پڻ ڪندو. هي دورو ٻنهي ملڪن جي لاءِ ٻطرفي لاڳاپن جو جامع جائزو وٺڻ، تعاون جي نئين موقعن تي غور ڪرڻ خاص طور تي واپار، لاجسٽڪس، علائقائي رابطن، عوامي رابطن جي فروغ ۽ علائقائي ۽ عالمي فورمز تي تعاون جي امڪانن کي ڳولڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪندو. قازقستان جي صدر جو دورو پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ مضبوط ٿيندڙ لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو، تاريخي ۽ ثقافتي ويجهڙائپ کي موثر عملي تعاون ۾ بدلائڻ جي گڏيل عزم کي اجاگر ڪري ٿو ۽ خطي ۾ امن ۽ ترقي جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي گڏيل خواهش جي نمائندگي ڪري ٿو.











