ناڻي واري وزير جي سٽي بئنڪ جي وفد سان ملاقات

اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان ناڻي وزارت جي ٽيم سان گڏ گذريل ڏينهن سٽي بئنڪ جي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت سٽي بئنڪ جو ڪنٽري آفيسر حبيب يوسف ڪري رهيو هو، جڏهن ته علي ثنا رضوي (ڪارپوريٽ بئنڪنگ هيڊ) ۽ اسامه پراچا (وائيس پريذيڊنٽ، ڪارپوريٽ بئنڪنگ) به ساڻس گڏ هئا. ملاقات دوران خودمختيار فنانسنگ جي مختلف امڪانن تي خيالن جي …

اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان ناڻي وزارت جي ٽيم سان گڏ گذريل ڏينهن سٽي بئنڪ جي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت سٽي بئنڪ جو ڪنٽري آفيسر حبيب يوسف ڪري رهيو هو، جڏهن ته علي ثنا رضوي (ڪارپوريٽ بئنڪنگ هيڊ) ۽ اسامه پراچا (وائيس پريذيڊنٽ، ڪارپوريٽ بئنڪنگ) به ساڻس گڏ هئا. ملاقات دوران خودمختيار فنانسنگ جي مختلف امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ پاڪستان حڪومت ۽ سٽي بئنڪ وچ ۾ تعاون جي امڪاني شعبن جو جائزو ورتو ويو. ناڻي واري وزارت جي اها ڪور ٽيم به اجلاس ۾ شريڪ هئي جيڪا قرضن جي نظم ۽ ضبط، ڪيپيٽل مارڪيٽس ۽ بحث هيٺ ٻين پاليسي معاملن جي نگراني ڪري ٿي. اجلاس دوران ناڻي واري وزارت جي ٽيم موجوده مارڪيٽ حالتن ۽ پاڪستان جي پرڏيهي فنانسنگ آئوٽ لڪ بابت هڪ اعليٰ سطحي جائزو پيش ڪيو. اجلاس ۾ پاڪستان جي عالمي بانڊز جي تازي ڪارڪردگي ۽ پرڏيهي قرضن جي حڪمت عملي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ قيمتن جي تعين، مارڪيٽ ٽائمنگ ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته آئنده ڪنهن به ڏي وٺ کي قرضن جي پائيداري ۽ لاڳت بابت مجموعي هدفن موجب هجڻ گهرجي. ناڻي واري وزارت جي ٽيم سٽي بئنڪ جي وفد کي خودمختيار فنانسنگ پروگرامز تي جاري حڪومتي قدمن کان آگاهه ڪيو، جن ۾ وچولي مدي جي نوٽ (Medium-Term Notes) جي ڍانچن تي شروعاتي تياري شامل آهي. جڏهن ته اهو به واضح ڪيو ويو ته في الوقت ڌيان ان ترجيحي ڏي وٺ جي تڪميل تي آهي جيڪا هن وقت عمل جي مرحلي ۾ آهي. ٻڌايو ويو ته اندروني منظوريون ۽ ساختي تياري جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ مارڪيٽ سان عملي طور تي رابطو ڪرڻ جو فيصلو موزون وقت، مارڪيٽ حالتن ۽ قيمتن جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويندو. ڳالهين ۾ سيڙپڪارن ۽ رابطن جي حڪمت عملي به بحث هيٺ آئي، جنهن ۾ ناڻي واري وزارت غير فعال سيڙپڪاري بدران فعال سيڙپڪارن جي شرڪت جي اهميت تي زور ڀريو. ناڻي واري وزارت تازي مثبت رپورٽ فوليو سيڙپڪاري جي وهڪري جو حوالو ڏيندي چيو ته اداره جاتي سيرپڪارن سان مسلسل ۽ هدفي رابطا حڪومت جي ترجيح آهن. ان موقعي تي واضح ڪيو ويو ته حڪومت مناسب موقعن تي نجي پليسمينٽس ۽ ڊگهي مدي واري سيڙپڪارن سان رابطن سميت فعال سيڙپڪار انگيجمينٽ لاءِ عالمي مالياتي ادارن سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ناڻي واري وزارت جي ٽيم انهن شعبن جي به نشاندهي ڪئي جتي سٽي بئنڪ جي عالمي مهارت مان بهتر فائدو کڻي سگهجي ٿو. خاص ڪري اسٽرڪچرڊ پروگرامز، دستاويزي فريم ورڪس ۽ مارڪيٽ انفرا اسٽرڪچر جي حوالي سان. ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته ڏکي مالياتي ڏي وٺ کان اڳ بنيادي دستاويز ۽ قانوني فريم ورڪس جو قيام اڻٽر آهي. اجلاس ۾ واپاري ۽ هيجنگ بابت امڪاني اسٽرڪچرز تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، جڏهن ته ناڻي واري وزارت واضح ڪيو ته اهڙن آپشنز تي غور بنيادي دستاويزن ۽ قيمتن بابت معاملن جي مناسب حل کانپوءِ ئي ڪيو ويندو. ناڻي واري وفاقي وزير عالمي مالياتي ادارن طرفان مسلسل زميني سطح تي موجودگي ۽ اعليٰ سطحي شموليت جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته ان سان پاڪستان جي بدلجندڙ معاشي صورتحال کي بهتر طور تي سمجهڻ ۽ اعتماد سازي ۾ مدد ملندي آهي. هن چيو ته پاڪستان تاريخي طور تي عالمي بئنڪن لاءِ هڪ اهم مارڪيٽ رهيو آهي ۽ ان ورثي کي مسلسل رابطن، اداره جاتي وابستگي ۽ سڌارن ۽ فنانسنگ ترجيحن سان هم آهنگي جي ذريعي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. ٻنهي ڌرين رابطا جاري رکڻ ۽ ويجهي تعاون جا امڪان ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. ناڻي وزارت خودمختيار فنانسنگ حل جي حوالي سان سٽي بئنڪ جي دلچسپي کي سٺو سئوڻ قرار ڏيندي پاڪستان جي فنانسنگ حڪمت عملي ۽ وسيع تر معاشي هدفن جي حمايت تي ٻڌل تعيمري حصيداري لاءِ پنهنجي راضپي جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں