دهشتگردن لاءِ رياست ۾ ڪا به جڳهه ناهي: بئريسٽر گوهر

اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو آهي ته دهشتگردي جي معاملي تي پوري قوم ۽ ايوان متحد آهي، رياست ۾ هٿيار کڻندڙن لاءِ ڪا به جڳهه ناهي. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن آئين جي آرٽيڪل 68 ۽ 69 جو حوالو ڏيندي پارلياماني ڪارروائي ۾ لفظ حذف ڪرڻ جي عمل تي قانوني خدشن جو اظهار ڪيو ۽ ايوان جي …

اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو آهي ته دهشتگردي جي معاملي تي پوري قوم ۽ ايوان متحد آهي، رياست ۾ هٿيار کڻندڙن لاءِ ڪا به جڳهه ناهي. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن آئين جي آرٽيڪل 68 ۽ 69 جو حوالو ڏيندي پارلياماني ڪارروائي ۾ لفظ حذف ڪرڻ جي عمل تي قانوني خدشن جو اظهار ڪيو ۽ ايوان جي آزادي برقرار رکڻ تي زور ڀريو. بلوچستان ۾ بدامني جي صورتحال تي بحث ۾ حصو وٺندي هن چيو ته دهشتگردي جي مذمت ۾ ڪو ”اگر مگر“ نه هجڻ گهرجي. هن واضح ڪيو ته سياسي اختلاف راءِ هر ڪنهن جو حق آهي ۽ ان کي برداشت ڪرڻ گهرجي، پر جيڪو شخص به رياست خلاف هٿيار کڻندو، ان لاءِ ڪا به رعايت نه هوندي. ايوان مان اهو متفقه پيغام وڃڻ گهرجي ته پاڪستان جي ڌرتي تي دهشتگردن لاءِ ڪا به جڳهه ناهي. بئريسٽر گوهر اسپيڪر طرفان ڪجهه لفظن کي حذف ڪرڻ تي آئيني نقطو اٿاريندي چيو ته آئين جو آرٽيڪل 68 ججن جي ڪنڊڪٽ تي بحث کان روڪي ٿو، جڏهن ته آرٽيڪل 69 پارليامينٽ جي ڪارروائي کي عدالتي مداخلت کان تحفظ فراهم ڪري ٿو. هن رولز آف بزنس جي رول 284 جو حوالو ڏيندي چيو ته صرف اهو ئي لفظ حذف ڪرڻ گهرجن جيڪي غير پارلياماني، توهين آميز يا ايوان جي ڊيڪورم جي خلاف هجن. هن وڌيڪ چيو ته اسان آزاد عدليه لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي آهي ۽ آئنده به ڪنداسين. جيڪڏهن ايوان ۾ عدليه تي ڪا تنقيد ٿئي ٿي ته ان کي سڌارن جي روشني ۾ ڏسڻ گهرجي. پارليامينٽ جي ميمبرن وٽ اهو اختيار هجڻ گهرجي ته پوري قوت سان عوامي مسئلن ۽ اداره جاتي سڌارن تي بحث ڪري سگهن. هن اسپيڪر کي گذارش ڪئي ته سڌارن بابت تعميري ڳالهه ٻولهه کي حذف نه ڪيو وڃي ته جيئن پارليامينٽ جو وقار برقرار رهي.

مزید خبریں