سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران سينئر صحافي ۽ اي پي پي جي ڊائريڪٽر عبدالجبار ذڪريا جي پٽ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، سينئر صحافي ۽ اي پي پي جي ڊائريڪٽر عبدالجبار ذڪريا جي پٽ معاذ عبدالله جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪرٽريٽ مان جاري بيان مطابق سينيٽ چيئرمين پنهنجي بيان ۾ چيو ته نوجوان معاذ عبدالله جو لاڏاڻو افسوسناڪ سانحو آهي، جنهن تي اسان سڀني کي گهڻو ڏک ۽ افسوس آهي. هن، مرحوم …

اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، سينئر صحافي ۽ اي پي پي جي ڊائريڪٽر عبدالجبار ذڪريا جي پٽ معاذ عبدالله جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪرٽريٽ مان جاري بيان مطابق سينيٽ چيئرمين پنهنجي بيان ۾ چيو ته نوجوان معاذ عبدالله جو لاڏاڻو افسوسناڪ سانحو آهي، جنهن تي اسان سڀني کي گهڻو ڏک ۽ افسوس آهي. هن، مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته هو ڏکويل وقت ۾ سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. سيد يوسف رضا گيلاني دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جوار رحمت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.

مزید خبریں