ايڇ اي سي چيئرمين جي مقرري جو عمل ٻيهر شروع ڪيو پيو وڃي: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، سينيٽ کي آگاهه ڪيو آهي ته هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين جي مقرري جو عمل ٻيهر شروع ڪيو پيو وڃي ته جئين چونڊ مڪمل طور تي ميرٽ تي ٿئي. سينيٽ اجلاس دوران سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته حڪومت پهرين مقرري جي عمل جو شروع ڪيو هو ۽ …

اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، سينيٽ کي آگاهه ڪيو آهي ته هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين جي مقرري جو عمل ٻيهر شروع ڪيو پيو وڃي ته جئين چونڊ مڪمل طور تي ميرٽ تي ٿئي. سينيٽ اجلاس دوران سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته حڪومت پهرين مقرري جي عمل جو شروع ڪيو هو ۽ سرچ ڪميٽي ذريعي انٽرويوز ڪيا ته جئين ايڇ اي سي جي وسيع ۽ اهم ڪمن جهڙن نصابن جي نگراني، يونيورسٽين جي ضابطي ۽ عملي معيار جي تحفظ کي نظر ۾ رکندي هڪ ٻئي مرحلي جي ضرورت محسوس ڪئي وئي. وفاقي وزير ، واضح ڪيو ته مستقل چيئرمين جي غير موجودگي ۾ ايڇ اي سي کي غير فعال نٿو چئي سگهجي ڇو ته هڪ قانوني ڪميشن آهي ۽ ان جو اجلاس صرف چيئرمين جي موجودگي تي ٻڌل ناهي. هن چيو ته ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر روزمره معاملن جي انتظام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ قانون تحت چيئرمين لاءِ به انتظام موجود آهي. اعظم نذير تارڙ چيو ته وزيراعظم ذاتي طور تي ان عمل جي نگراني ڪري رهيو آهي ته جئين سڀني کان اهل ۽ موزون فرد کي مڪمل ميرٽ تحت مقرر ڪري سگهجي. وفاقي وزير وڌيڪ واضح ڪيو ته ايڇ اي سي چيئرمين جو عهدو ميرٽ جي بنياد تي آهي ۽ ان تي صوبائي گردش يا ڪوٽا لاڳو نه ٿي ٿئي. هن چيو ته جيڪڏهن بلوچستان جو ڪنهن اهل پروفيسر ميرٽ جي معيار تي پورو لهي ٿو ته چونڊ لاءِ درخواست ڏئي ۽ چونڊجي ويو ته اهو سٺو سنوڻ هوندو پر مقرري مڪمل طور تي ميرٽ جي بنياد تي ڪئي ويندي.

مزید خبریں