آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر پاران جامعه نعيميه جو دورو، ڊاڪٽر راغب نعيمي سان ملاقات

لاهور-03 فيبروري (اي پي پي) آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر ٽيموٿي ڪين ۽ سيڪنڊ پوليٽيڪل سيڪريٽري جارجه نانينميکر گذريل ڏينهن دارلعلوم جامعه نعيميه جو دورو ڪيو آهي، جتي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين علامه ڊاڪٽر محمد راغب حسين نعيمي معزز مهمانن جي آجيان ڪئي. مهمان سفير ڊاڪٽر سرفراز نعيمي شهيد ۽ مفتي محمد حسين نعيمي جي مزارن تي حاضري ڀري ۽ محدث اعظم ڪچوڇوي لائبريري هال، شعبه حفظ القرآن، شعبه ڪمپيوٽر ۽ …

لاهور-03 فيبروري (اي پي پي) آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر ٽيموٿي ڪين ۽ سيڪنڊ پوليٽيڪل سيڪريٽري جارجه نانينميکر گذريل ڏينهن دارلعلوم جامعه نعيميه جو دورو ڪيو آهي، جتي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين علامه ڊاڪٽر محمد راغب حسين نعيمي معزز مهمانن جي آجيان ڪئي. مهمان سفير ڊاڪٽر سرفراز نعيمي شهيد ۽ مفتي محمد حسين نعيمي جي مزارن تي حاضري ڀري ۽ محدث اعظم ڪچوڇوي لائبريري هال، شعبه حفظ القرآن، شعبه ڪمپيوٽر ۽ سائنس ۽ مختلف ڪلاس رومز جو به دورو ڪيو. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر کي جامعه نعيميه جي تعليمي ۽ فلاحي سرگرمين بابت تفصيلي آگاهه ڪيو ويو. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين علامه ڊاڪٽر محمد راغب حسين نعيمي ۽ آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر ٽموٿي ڪين ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي شخصيتن مذهبي هم آهنگي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر اداري جي تعليمي ۽ فلاحي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته جامعه نعيميه جي اعتدال پسنداڻو فڪر زنده معاشرن لاءِ بهترين مثال آهي. ان موقعي تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين آسٽريلوي سفارتڪار جي اداري ۾ آمد تي ٿورو مڃيندي چيو ته پاڪ آسٽريليا سفارتي لاڳاپا انتهائي اهميت وارا آهن. هن چيو ته پاڪستان گڏيل سفارتي لاڳاپن ۽ تعاون کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي. ٻنهي ملڪن کي هڪٻئي جي تجربن مان وڌ کان وڌ فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي.

مزید خبریں