اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جو اي پي پي هيڊڪوارٽرز جو دورو، اي پي پي جي ٻين عالمي نيوز ايجنسين سان معاهدن مان موثر انداز ۾ فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور

اسلام آباد- 03 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ڪارپوريشن (اي پي پي سي) جي ٻين عالمي نيوز ايجنسين سان ڪيل معاهدن مان موثر انداز ۾ فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته انهن رابطن کي پاڪستان جي مثبت تشخص جي فروغ ۽ قومي بيانيي جي موثر تشهير جي لاءِ ڀرپور طريقي سان …

اسلام آباد- 03 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ڪارپوريشن (اي پي پي سي) جي ٻين عالمي نيوز ايجنسين سان ڪيل معاهدن مان موثر انداز ۾ فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته انهن رابطن کي پاڪستان جي مثبت تشخص جي فروغ ۽ قومي بيانيي جي موثر تشهير جي لاءِ ڀرپور طريقي سان استعمال ڪيو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير اي پي پي جي علائقائي زبانن ۾ خبرن جي مواد جي پهچ کي هيٺئين سطح تائين يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اي پي پي جي سنڌي، بلوچي، براهوي، پشتو، سرائيڪي نيوز سروسز تحت تيار ڪيل مواد جي ڀرپور تشهير سان عوامي اعتماد ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ڪارپوريشن جي هيڊ آفيس جو دورو ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن پڻ ساڻس گڏ هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير کي قومي خابرو اداري جي مقصدن، تنظيمي ڍانچي ۽ پيشيواراڻي ذميوارين بابت آگاهه ڪيو ويو جڏهن ته اي پي پي جي مجموعي ڪارڪردگي، ڊيجيٽل حڪمت عملي ۽ مستقبل جي حڪمت عملي بابت جامع بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي منعقد اجلاس ۾ اي پي پي جي ڊيجيٽل موجودگي کي وڌيڪ موثر ۽ وسيع بڻائڻ، اداري کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ اسٽريٽجڪ بيانيه سازي ۾ اي پي پي جي ڪردار تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اجلاس ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جي موثر استعمال، ڊيجيٽل آئوٽ ريچ ۾ اضافي ۽ علائقائي زبانن ۾ خبرن جي فروغ تي خاص ڌيان ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير اي پي پي جي ٻين عالمي نيوز ايجنسين سان ڪيل معاهدن مان موثر انداز ۾ فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته انهن رابطن کي پاڪستان جي مثبت تشخص جي فروغ ۽ قومي بيانيي جي موثر تشهير جي لاءِ ڀرپور طريقي سان استعمال ڪيو وڃي. وفاقي وزير اي پي پي جي علائقائي زبانن ۾ خبرن جي مواد جي پهچ کي هيـٺئين سطح تائين يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته اي پي پي جي بلوچي، براهوي، سنڌي، پشتو، سرائيڪي نيوز سروسز تحت تيار ڪيل مواد جي ڀرپور تشهير سان عوامي اعتماد ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. هن چيو ته علائقائي زبانن ۾ معياري مواد جي اشاعت رياستي بيانيي کي مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. اطلاعات واري وفاقي وزير اڀرندڙ ميڊيا رجحانن سان هم آهنگ ٿيڻ ۽ اي پي پي جي ڊيجيٽل صلاحيتن ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو. هن مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي جي اداري ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ڪرپشن جي خلاف اي پي پي جي ايم ڊي جا قدم ساراهه جوڳا آهن. وفاقي وزير اي پي پي انتظاميا پاران ڪرپشن جي خلاف سخت قدمن جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اي پي پي ڪرپشن ڪيس جي عدالتي ڪارروائي ۽ ٽرائل تي گهري نظر رکيو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير اي پي پي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو اجلاس ترجيحي بنيادن تي منعقد ڪرڻ جي لاءِ ضروري هدايتون پڻ جاري ڪيون. ان موقعي تي اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي وفاقي وزير کي اداري جي مجموعي ڪارڪردگي ۽ مستقبل جي حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو.

مزید خبریں