اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان ناڻي وزارت ۾ خيبر پختونخوا جي وڏي وزير جي ناڻي بابت مشير مزمل اسلم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي وزارت ۽ ڪي پي ڪي حڪومت جون سنيئر اختياريون به شامل هيون. ملاقات دوران مالي ۽ ترقياتي معاملن بابت مختلف معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. جن ۾ ضم ٿيل ضلعن لاءِ ترقياتي عرصي تحٽ …
ناڻي واري وفاقي وزير سان ڪي پي ڪي جي ناڻي واري صلاحڪار جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان ناڻي وزارت ۾ خيبر پختونخوا جي وڏي وزير جي ناڻي بابت مشير مزمل اسلم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي وزارت ۽ ڪي پي ڪي حڪومت جون سنيئر اختياريون به شامل هيون. ملاقات دوران مالي ۽ ترقياتي معاملن بابت مختلف معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. جن ۾ ضم ٿيل ضلعن لاءِ ترقياتي عرصي تحٽ فنڊز جي وقت سر جاري ڪرڻ، عارضي طور تي بي گهر ٿيل ماڻهن جي بحالي ۽ مدد بابت رهتن ۽ صوبائي حقن ۽ وسيلن جي ورهاست جي مجموعي فريم ورڪ، سميت نيشنل فنانس ڪميشن (اين ايف سي) بابت معاملا شامل هئا. ڪي پي ڪي جي ٽيم ضم ٿيل ضلعن ۾ انتظامي ۽ ترقياتي ضرورتن تي روشني وڌي ۽ جاري منصوبن جي تسلسل ۽ زميني سطح تي فوري ضرورتن پوري ڪرڻ لاءِ فنڊز جي وقت سر ۽ اڳواٽ جاري ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هنن بي گهر خاندانن بابت واجب الادا ذميوارين ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن جي به نشاندهي ڪئي جن لاءِ اثرائتي رابطه ڪاري ۽ فوري حل گهرل بآهي. وفاقي وزير سينيٽر اورنگزيب ڪي پي ڪي جي وفد پاران اٿاريل معاملن کي ڌيان سان ٻڌو ۽ وفاقي حڪومت پاران صوبن سان گڏيل سهڪار تي ٻڌل وفاقيت ۽ تعميري رابطن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن ڪي پي ڪي جي ٽيم کي خاطري ڪرائي ته ناڻي وزارت اين ايف سي ۽ اجلاس ۾ بحث هيٺ آيل ٻين لاڳاپيل مدن تحت صوبي جي جائز مالي حقن ۽ رهتن جي حاصل ڪرڻ لاءِ مروجه قاعدن، طي ٿيل فريم ورڪ ۽ قانوني گهرجن موجب مڪمل تعاون فراهم ڪندي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته فنڊز جي شفاف ۽ هموار جاري ڪرڻ لاءِ اثرائتي رابطاڪاري ۽ جتي ضروري هوندو وقت سر حسابن رکڻ نهايت اهم آهي. ۽ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته وفاقي حڪومت ڪي پي ڪي خاص ڪري ضم ٿيل ضلعن کي درپيش منفرد ترقياتي ۽ سيڪيورٽي چئلينجز کان بخوبي واقف آهي. ملاقات ۾ اين ايف سي بابت جاري ڪم ۽ مشاورت جو به جائزو ورتو ويو جنهن ۾ فني سطح تي ڳالهين ۽ ذيلي گروپس جي اجلاسن کي جاري رکڻ ۽ اهم معاملن تي اتفاق راءِ کي اڳيان وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته لاڳاپيل فورمز ۽ فني ذريعن ذريعي ويجها رابطا برقرار رکيا ويندا ته جيئن التويٰ هيٺ معاملن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو ۽ مالي انتظامن ۽ فنڊز جي جاري کرڻ کي ترقياتي هدف، عوامي خدمتن جي فراهمي ۽ استحڪام لاءِ اثرائتو بڻائي سگهجي. ملاقات خوشگوار ماحول ۾ پڄاڻي تي پهتي، جنهن ۾ قومي مفادن ۾ مسئلن جي وقت سر حل لاءِ گڏيل سهڪار ۽ مسلسل رقابطان جي عزم جو اظهار ڪيو ويو.











