اسلام آباد-02 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي اجلاس ۾ بلوچستان ۾ هاڻوڪي دهشتگرد حملن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي متفقه طور قرارداد منظور ڪئي وئي. قرارداد قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن کي سڀني سياسي پارٽين جي مڪمل تائيد حاصل ٿي. ايوان دهشتگرد حملن ۾ مارجي ويلن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين …
سينيٽ ۾ بلوچستان ۾ دهشتگرد حملن جي شديد مذمت، متفقه قرارداد منظور

مزید خبریں
اسلام آباد-02 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي اجلاس ۾ بلوچستان ۾ هاڻوڪي دهشتگرد حملن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي متفقه طور قرارداد منظور ڪئي وئي. قرارداد قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن کي سڀني سياسي پارٽين جي مڪمل تائيد حاصل ٿي. ايوان دهشتگرد حملن ۾ مارجي ويلن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. سينيٽ ملڪ جي دفاع ۽ شهرين جي تحفظ دوران جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي جرئت، بهادري ۽ قربانين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. قرارداد ۾ بلوچستان ۾ امن، ترقي ۽ سياسي شموليت لاءِ سينيٽ جي پختي عزم کي ورجايو ويو ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته پائيدار امن، سماجي ۽ معاشي ترقي، بهتر طرز حڪمراني ۽ آئيني حقن جي احترام کانسواءِ ممڪن ناهي. ايوان واضح ڪيو ته دهشتگردي کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو ۽ هي ته رياست جي وحدت ۽ عوام جي قوت ارادي تشدد، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي سمورن سازشن کي ناڪام بڻائيندي. ايوان مطالبو ڪيو ته دهشتگردي ۾ ملوث ڌرين، انهن جي سهولتڪارن، مقامي ۽ عالمي طور تي سرپرستن کي قانون موجب انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. قرارداد ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن تي زور ڀريو ويو ته خاص ڪري بلوچستان ۾ ڳجهي اطلاع جي گڏيل سهڪار، سرحدي سلامتي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي نظام کي وڌيڪ مضبوط ۽ موثر بڻايو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪي سگهجي.











