راولپنڊي-02 فيبروري (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز (سي ڊي ايف) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ليبيا جي عرب هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف فيلڊ مارشل ابو القاسم حفتر ليبيا جي عرب هٿياربند فوج جي ڊپٽي ڪمانڊر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل صدام خليفه حفتر سان گڏ جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي طرفن کان گڏيل دلچسپي جي …
آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ليبيا جي عرب هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف جي ملاقات

مزید خبریں
راولپنڊي-02 فيبروري (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز (سي ڊي ايف) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ليبيا جي عرب هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف فيلڊ مارشل ابو القاسم حفتر ليبيا جي عرب هٿياربند فوج جي ڊپٽي ڪمانڊر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل صدام خليفه حفتر سان گڏ جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي طرفن کان گڏيل دلچسپي جي معاملن خاص ڪري لاڳاپيل خطن ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ پيشيوراڻي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب ڳالهين ۾ پاڪستان ۽ ليبيا جي هٿياربند فوجن وچ ۾ مسلسل رابطن ۽ تعاون جي اهميت تي زور ڀريو ويو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير معزز مهمانن جي آجيان ڪئي ۽ ليبيا سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن ليبيا ۾ امن، استحڪام ۽ اداري جاتي ترقي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ پڻ ڪيو. ملاقات دوستاڻي ۽ خوشگوار ماحول ۾ ٿي جيڪا پاڪستان ۽ ليبيا وچ ۾ پراڻن ڀائراڻن لاڳاپن جي عڪاسي آهي. ان کان اڳ نور خان ايئر بيس پهچڻ تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، فيلڊ مارشل خليفه ابوالقاسم حفتر جي آجيان ڪئي. معزز مهمان جي ايڇ ڪيو ۾ شهيدن جي يادگار تي حاضري ڏني، گلن جي چادر رکي ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو.











