اسلام آباد-02 فيبروري (اي پي پي) ڪشمير معاملن، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جي صدارت هيٺ مسلم ليگ (ن) گلگت بلتستان جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مسلم ليگ (ن) گلگت بلتستان جي صدر حافظ حفيظ الرحمان گروپ ۽ جنرل سيڪريٽري اڪبر تابان ۽ محمد انور گروپ پارٽي جي وسيع تر مفادن ۾ سمورا اختلاف ختم ڪري ڇڏيا ۽ وعدو ڪيو ته آئنده هڪ ٿي نواز …
ڪشمير معاملن، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنئير امير مقام جي صدارت هيٺ مسلم ليگ (ن) گلگت بلتستان جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد-02 فيبروري (اي پي پي) ڪشمير معاملن، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جي صدارت هيٺ مسلم ليگ (ن) گلگت بلتستان جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مسلم ليگ (ن) گلگت بلتستان جي صدر حافظ حفيظ الرحمان گروپ ۽ جنرل سيڪريٽري اڪبر تابان ۽ محمد انور گروپ پارٽي جي وسيع تر مفادن ۾ سمورا اختلاف ختم ڪري ڇڏيا ۽ وعدو ڪيو ته آئنده هڪ ٿي نواز شريف جي قيادت ۾ پارٽي لاءِ ڀرپور ڪم ڪندا. گذريل ڏينهن وزارت طرفان جاري بيان موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مسلم ليگ (ن) گلگت بلتستان ايندڙ چونڊن ۾ مڪمل اتحاد ۽ يڪجهتي سان حصو وٺندي. ان موقعي تي وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو ته اڄ اسان سڀ گڏجي پنهنجي سياسي مخالفن کي اهو واضح پيغام ڏئي رهيا آهيون ته مسلم ليگ (ن) هڪ آهي ۽ اسان قائد ميان محمد نواز شريف جي قيادت ۾ متحد آهيون. وفاقي وزير چيو ته آئون سڀني جو ٿورو مڃان ٿو. هن چيو ته پارٽي ٽڪيٽ ميرٽ تي ڏناو يندا، سڀ اختلاف ختم ۽ اڄ کانپوءِ اسان هڪ آهيون ۽ آئون اوهان کي خاطري ڪرايان ٿو ته مان پاڻ کي اوهان جي ٽيم جو حصو سمجهان ٿو. مسلم ليگ (ن) گلگت بلتستان جي صدر حافظ حفيظ الرحمان چيو ته اسان سڀ هڪ صفحي تي آهيون ۽ ميان نواز شريف جي ويزن ۽ قيادت تحت متحد ٿي اڳتي وڌنداسين، جنرل سيڪريٽري اڪبر تابان چيو ته اسان جون دليون صاف آهن ۽ اسان اتفاق سان هڪ آهيون.











