اسلام آباد-02 فيبروري (اي پي پي) سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي خاص مددگار راڻا ثناءُ الله خان سومر ڏينهن سينيٽ کي آگاهه ڪيو ته بلوچستان ۾ تازي دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث ڌريون پاڪستان جون دشمن آهن ۽ اهي ملڪ دشمن قوتن جي اشارن تي ڪارروائيون ڪري رهيون آهن. سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ راجا ناصر عباس جي نقطن جو جواب ڏيندي راڻا ثناءُ الله ٻڌايو ته سيڪيورٽي فورسز جي …
بلوچستان ۾ تازي دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث ڌريون پاڪستان جون دشمن آهن، اهي ملڪ دشمن قوتن جي اشارن تي ڪارروائيون ڪري رهيون آهن: راڻا ثناءُ الله خان

مزید خبریں
اسلام آباد-02 فيبروري (اي پي پي) سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي خاص مددگار راڻا ثناءُ الله خان سومر ڏينهن سينيٽ کي آگاهه ڪيو ته بلوچستان ۾ تازي دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث ڌريون پاڪستان جون دشمن آهن ۽ اهي ملڪ دشمن قوتن جي اشارن تي ڪارروائيون ڪري رهيون آهن. سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ راجا ناصر عباس جي نقطن جو جواب ڏيندي راڻا ثناءُ الله ٻڌايو ته سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين ۾ هن وقت تائين 177دهشتگرد مارجي چڪا آهن، جڏهن ته بلوچستان ۾ دهشتگرد حملن جي نتيجي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا 17 اهلڪار ۽ 33 شهري شهيد ٿي چڪا آهن. هن واضح ڪيو ته اهڙين ڌرين کي ڪنهن به صورت ۾ ناراض يا محروم گروهه قرار نٿو ڏئي سگهجي. هن ٻڌايو ته شهيد ٿيل 17 اهلڪارن ۾ 10 پوليس، 6 فرنٽيئر ڪور ۽ هڪ ليويز اهلڪار شامل آهن جڏهن ته 33 شهري دهشتگردن طرفان گهرن ۽ رهائشي علائقن تي حملن دوران شهيد ٿيا. راڻا ثناءُ الله چيو ته جيتوڻيڪ ننڍا هٿياربند جٿا ڪٿي به ڏوهاري ڪارروائيون ڪري سگهن ٿا پر بلوچستان ۾ تشدد جو انداز واضح طور تي منظم دهشتگردي جي نشاندهي ڪري ٿو، نه وري ڌار ڏوهن جي. هن چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگرد سري عام بسن کي روڪي مسافرن جا شناختي ڪارڊ چيڪ ڪندا رهيا ۽ عورتن ۽ ٻارن سميت بي گناهه شهرين کي سندن وارثن آڏو قتل ڪيو. اهڙي طرح ٽرينن تي حملن خاص ڪري جعفر ايڪسپريس جي واقعي ۾ مسافرن کي يرغمال بڻايو ۽ پوءِ بي دردي سان قتل ڪيو ويو. هن چيو ته اهي انتهائي وحشياڻا قدم آهن جنهن کي ڪو به باشعور انسان درست قرار نٿو ڏئي سگهي ۽ ان تاثر کي رد ڪيو ته هي رڳو ناراض عنصر آهن. هن چيو ته تازي دهشتگردي خلاف ڪاررواين کانپوءِ ڪوئيٽا جي اسپتالن مان مارجي ويل دهشتگردن جا لاش زبردستي کنيا ويا جيڪو پاڻ کي حقن جو علمبردار چوندڙن جي بياني تي سنجيده سوال اٿاري ٿو. هن چيو ته اهي دهشتگرد هڪ دشمن ملڪ جي ايجنٽ طور ڪم ڪري رهيا آهن ۽ آپريشن سندور ۽ ٻين محاذن تي دشمن جي شڪست جو بدلو وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، خاص ڪري ان کانپوءِ جڏهن پاڪستان جي هٿياربند فوج پنهنجي پيشيوراڻي صلاحيت ۽ طاقت جو مظاهرو ڪيو، جنهن تي پوري قوم کي فخر آهي. هن ٻڌايو ته سيڪيورٽي فورسز ڪوئيٽا ريڊ زون دهشتگردن جي داخل ٿيڻ جون ڪوششون ناڪام بڻايون ۽ جتي به هنن ڪارروائي جي ڪوشش ڪئي، کين اثرائتي انداز ۾ ناڪاره بڻايو ويو. دهشتگرد فورسز جو سڌي ريت مقابلو نه ڪري رهيا هئا ۽ پنهنجي ٺڪاڻن طرف ڀڄڻ تي مجبور ٿي ويا. هن آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي سانحي کانپوءِ قومي اتحاد کي ياد ڪندي چيو ته اُن وقت پوري قوم اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي قيادت ۾ يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ فيصلائتا آپريشنز ٿيا ۽ دهشتگردي تقريبن ختم ٿي وئي هئي. هن دهشتگردي کي چونڊن يا ڪنهن سياسي مطالبي سان جوڙڻ جي تاثر کي رد ڪندي چيو ته دهشتگردن وٽ نه عوامي مينڊيٽ آهي، نه ڪا سياسي ايجنڊا ۽ نه ئي جمهوري نظام تي يقين. هن سمورين سياسي قوتن تي زور ڀريو ته هو دهشتگردي خلاف متحد ٿي قومي موقف اختيار ڪن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ هٿياربند فوج جي مڪمل حمايت ڪن ۽ شهيدن ۽ سندن ڪٽنبن جي قربانين جو احترام ڪن.











