قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان برطانيه جي هائوس آف ڪامنز جي ميمبر جي ملاقات، ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ تي خراج تحسين پيش

اسلام آباد-02 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان برطانيه جي هائوس آف ڪامنز جي ميمبر عمران حسين پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب هائوس آف ڪامنز جي ميمبر عمران حسين ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ تي اسپيڪر سردار اياز صادق کي خراج تحسين پيش ڪيو. سردار اياز صادق ڳالهائيندي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ جاري ظلمن کي هر …

اسلام آباد-02 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان برطانيه جي هائوس آف ڪامنز جي ميمبر عمران حسين پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب هائوس آف ڪامنز جي ميمبر عمران حسين ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ تي اسپيڪر سردار اياز صادق کي خراج تحسين پيش ڪيو. سردار اياز صادق ڳالهائيندي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ جاري ظلمن کي هر فورم تي اٿاريندا رهيا آهيون. هن چيو ته تازو ئي چين جي دوري دوران نيشنل پيپلز ڪانگريس جي چيئرمين سان ملاقات ۾ به ڪشمير مسئلو اٿاريو ويو. ملاقات ۾ پاڪ برطانيه پارلياماني تعاون کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اسپيڪر چيو ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ٿيڻ گهرجي. عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي. هائوس آف ڪامنز جي ميمبر چيو ته برطانوي پارليامينٽ ۾ ڪشمير مسئلو موثر انداز ۾ اٿاريندا رهندا آهيون. وفاقي وزير ۽ ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين راڻا محمد قاسم نون چيو ته والاريل ڄمون ڪشمير رڳو هڪ علائقائي تڪرار ناهي پر هڪ سنگين انساني بحران آهي. والاريل ڪشمير جي عوام ڪيترن ئي ڏهاڪن کان بنيادي انساني حقن جي پائمالي کي منهن ڏئي رهي آهي. عالمي برادري ڪشميري عوام جي بنيادي انساني حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائي. هائوس آف ڪامنز جي ميمبر عمران حسين ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين جي ڪارڪردگي ۽ عالمي سفارتي ڪوششن کي ساراهيو. سردار اياز صادق اوورسيز پاڪستانين جي ڪردار ۽ آرفنيج فائونڊيشن جي سماجي ۽ فلاحي خدمتن کي ساراهيو ۽ چيو ته ڪشمير ۾ يتيم ۽ مستحق ٻارن جي خدمت لاءِ آرفنيج فائونڊيشن وڌيڪ فعال ڪردار ادا ڪري. ملاقات ۾ آرفنيج فائونڊيشن جي خدمتن کي پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ سماجي ڀلائي لاءِ پيروي ڪرڻ جوڳو مثال قرار ڏنو ويو. ان موقعي تي وفاقي وزير ۽ ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين راڻا قاسم نون ۽ قانون ۽ انصاف بابت وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ به موجود هئا.

مزید خبریں