اسلام آباد - 02 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اسٽريٽجڪ بيانيي سازي ۾ قومي خابرو اداري ”ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان“ (اي پي پي) جي اهم ڪردار تي زور ڏيندي چيو آهي ته اداري جي ڊيجيٽل پهچ ۾ اضافو، مس انفارميشن جو تدارڪ ۽ ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اي پي پي هيڊڪوارٽرز جي دوري جي موقعي تي …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران اسٽريٽجڪ بيانيي سازي ۾ اي پي پي جي اهم ڪردار تي زور

مزید خبریں
اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اسٽريٽجڪ بيانيي سازي ۾ قومي خابرو اداري ”ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان“ (اي پي پي) جي اهم ڪردار تي زور ڏيندي چيو آهي ته اداري جي ڊيجيٽل پهچ ۾ اضافو، مس انفارميشن جو تدارڪ ۽ ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اي پي پي هيڊڪوارٽرز جي دوري جي موقعي تي هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي وفاقي وزير هدايت ڪئي ته گراس روٽ ليول تي مقامي ڪميونٽيز سان ويجهي رابطي جي لاءِ سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمز کي خاص طور تي علائقائي زبانن ۾ نيوز ڪانٽينٽ جي تشهير جي لاءِ ڀرپور طريقي سان استعمال ڪيو.

وفاقي وزير اي پي پي جي سنڌي، بلوچي، براهوي ، پشتو ۽ سرائيڪي سروسز جي نيوز ڪانٽينٽ جي وسيع ڊيجيٽل تشهير جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ان سان عوامي اعتماد ۾ اضافي ۽ حڪومتي بيانيي کي وڌيڪ جامع بڻائي سگهبو. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اي پي پي جي ڊيجيٽل صلاحيت وڌائڻ ۽ مواد کي چٽاڀيٽي بڻائڻ جي لاءِ نوجوان سوشل ميڊيا ماهرن جي شموليت جي تجويز ڏني. هن جلد اي پي پي، پي ٽي وي ۽ ڊيجيٽل ڪميونيڪشن ڊپارٽمينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو اعلان ڪيو ته جيئن خبرن ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ هڪ وسيع فريم ورڪ تيار ڪري سگهجي. وفاقي وزير اي پي پي جي ايم ڊي محمد عاصم کچي پاران اداري ۾ شفافيت آڻڻ ۽ ڪرپشن ۾ ملوث ملازمن جي نيٽ ورڪ کي بي نقاب ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پنهنجي پاران انهن ڪوششن جي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪيو. هن ڪرپشن ڪيس جي ٽرائل جي پيروي جاري رکڻ جي هدايت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير اي پي پي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو اجلاس جلد گهرائڻ جي خاطري ڪرائي ۽ ان سلسلي ۾ انفارميشن سيڪريٽري کي خصوصي هدايت ڪئي. وزيراعظم جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز اي پي پي پاران تيار ۽ جاري ڪيل نيوز ڪانٽيڪٽ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اداري جي ڊيجيٽل ڪيپسٽي ۾ اضافو قومي خابرو اداري جي دائره ڪار کي وڌيڪ وسيع ڪندو. پي آءِ او مبشر حسن چيو ته اي پي پي پنهنجي قابل اعتماد رپورٽنگ ۽ ميڊيا ڪوريج جي ذريعي قومي تشخص جي جوڙجڪ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي وفاقي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اي پي پي جي ڊيٽا سينٽر جي اپ گريڊيشن ۽ ويب سائيٽ کي ان هائوس سرور تي منتقل ڪرڻ سان ساليانو 9 هزار ڊالر جي بچت ٿي رهي آهي. هن ٻڌايو ته اداري ۾ ڪيل جاچ ۽ آڊٽ دوران 1.24 ارب رپين کان وڌيڪ جو وڏو گهپلو بي نقاب ٿيو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ ڪرپشن ڪيس جي 5 جوابدارن جون ضمانتون رد ڪندي لاڳاپيل عدالت کي ٽن مهينن ۾ ٽرائل مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ملازمن جي ڊگرين جي تصديق جي لاءِ اسپيشل سيل فعال آهي جڏهن ته موڪلن ۽ ميڊيڪل جي طريقيڪار کي خودڪار ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن، اي پي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سبين عثمان خٽڪ ۽ ڊائريڪٽر نيوز شمائله عندليب پڻ شرڪت ڪئي. ان کان اڳ اي پي پي هيڊڪوارٽر اچڻ تي ايم ڊي محمد عاصم کچي ۽ ٻين سينيئر عملدارن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جو شاندار استقبال ڪيو.











