سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ذريعي بلوچستان ۾ بدامني پکيڙڻ جي پرڏيهي سازش کي پاڙ کان پٽي اُڇليو آهي: گهرو وزير محسن نقوي

اسلام آباد-02 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ذريعي بلوچستان ۾ بدامني پکيڙڻ جي هڪ وڏي پرڏيهي سازش کي پاڙ کان پَٽي اُڇليو آهي، اسان بلوچستان ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وينداسين، رياست جي رِٽ کي چئلينج ڪندڙ ڌرين لاءِ هاڻي ڪا به جڳهه ناهي. پنهنجي بيان ۾ هن بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز، پوليس …

اسلام آباد-02 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ذريعي بلوچستان ۾ بدامني پکيڙڻ جي هڪ وڏي پرڏيهي سازش کي پاڙ کان پَٽي اُڇليو آهي، اسان بلوچستان ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وينداسين، رياست جي رِٽ کي چئلينج ڪندڙ ڌرين لاءِ هاڻي ڪا به جڳهه ناهي. پنهنجي بيان ۾ هن بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز، پوليس ۽ ڳجهن ادارن جي گڏيل آپريشن جي تصديق ڪندي چيو ته ان ڪارروائي دوران فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ 22 دهشتگردن کي ماريو ويو آهي. هن چيو ته سيڪيورٽي ادارن ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي وقت سر ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي وڏي نيٽ ورڪ کي نشانو بڻايو. هن چيو ته فتنه الهندستان جي سمورن سهولتڪارن جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو.

مزید خبریں