ڪشمير وادي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، فوري طور ڪنھن جاني يا مالي نقصان جو ڪو اطلاع نه مليو

سرينگر - 02 فيبروري (اي پي پي)ڀارت جي غيرقانوني قبضي ھيٺ ڄمون ڪشمير ۾ گذريل ڏينھن صبح جو وچولي درجي جو زلزلو محسوس ڪيو ويو، جنھن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 4.8 رڪارڊ ڪئي وئي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق زلزلو صبح جو 5 لڳي 35 منٽن تي آيو، جنھن جو مرڪز ضلعي بڊگام ۾ زمين جي سطح کان 10 ڪلو ميٽرن جي گھرائي ۾ ھو. زلزلي جا لوڏا سرينگر، پلوامه، …

سرينگر – 02 فيبروري (اي پي پي)ڀارت جي غيرقانوني قبضي ھيٺ ڄمون ڪشمير ۾ گذريل ڏينھن صبح جو وچولي درجي جو زلزلو محسوس ڪيو ويو، جنھن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 4.8 رڪارڊ ڪئي وئي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق زلزلو صبح جو 5 لڳي 35 منٽن تي آيو، جنھن جو مرڪز ضلعي بڊگام ۾ زمين جي سطح کان 10 ڪلو ميٽرن جي گھرائي ۾ ھو. زلزلي جا لوڏا سرينگر، پلوامه، شوپيان ۽ چرار شريف ۾ محسوس ڪيا ويا، جنھن سبب ماڻھن کي گھرن کان ٻاھر نڪرڻو پيو. فوري طور ڪنھن جاني يا مالي نقصان جو ڪو اطلاع ناھي مليو.

مزید خبریں