وزيراعظم محمد شهباز شريف سان خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات

اسلام آباد- 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ تعاون تي زور ڏيندي چيو آهي ته صوبائي حڪومت امن امان قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون وڌيڪ وڌائي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وزيراعظم …

اسلام آباد- 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ تعاون تي زور ڏيندي چيو آهي ته صوبائي حڪومت امن امان قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون وڌيڪ وڌائي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وزيراعظم خيبرپختونخواهه جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو. صوبي ۾ امن امان جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ تعاون کي اڻٽر قرار ڏيندي وزيراعظم چيو ته امن امان جي قيام لاءِ صوبائي حڪومت جي ڪوششن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته صوبائي حڪومت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ صوبائي ادارن کي مضبوط ڪري. وزيراعظم چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکنديون. خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي قيام ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ صوبائي حڪومت کي پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته صوبائي حڪومت بااختيار آهي، صحت ۽ تعليم لاءِ خيبرپختونخواهه جي عوام لاءِ قدم کنيا وڃن. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه جي عوام جي ڀلائي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، خيبرپختونخواهه وفاق جي هڪ اهم ڌُر آهي، صوبي جي عوام جي خوشحالي لاءِ وفاقي حڪومت پنهنجي دائري اختيار مُوجب ڀرپُور ڪوششون جاري رکندي. وزيراعظم قومي ترقي ۽ عوام جي خدمت لاءِ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ ويجهن لاڳاپن ۽ اثرائتي هم آهنگي اڻٽر قرار ڏيندي خيبرپختونخواهه ۾ ترقياتي منصوبن بنيادي ڍانچي جي بهتري، تعليم، صحت ۽  روزگار جي موقعن کي وڌائڻ لاءِ وفاقي فريم ورڪ مُوجب تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته وفاقي حڪومت سڀني صوبن کي گڏ کڻي هلڻ ۽ هڪجهڙي ترقي جي وزن تي عمل پيرا  آهي. گڏيل مشاورت ۽ تعاون ذريعي قومي اتحاد، استحڪام ۽ خوشحالي جا هدف موثر انداز ۾ حاصل ڪري سگهجن ٿا.