حڪومت پائيدار اقتصادي استحڪام حاصل ڪرڻ جي لاءِ جامع، گهڻ رخي سڌاراجاتي پروگرام تي سچي دل سان عمل پيرا آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سان عالمي بئنڪ گروپ جي ڊگهي مدي واري حصيداري ۽ ترقياتي ترجيحن جي فروغ جي عزم کي ساراهيندي چيو آهي ته حڪومت پائيدار اقتصادي استحڪام حاصل ڪرڻ جي لاءِ جامع، گهڻ رخي سڌاراجاتي پروگرام تي سچي دل سان عمل پيرا آهي، اقتصادي ترقي ۽ سڌارن ۾ عالي بئنڪ گروپ جي معاونت کي قدر جي نگاهه سان ڏسون …

اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سان عالمي بئنڪ گروپ جي ڊگهي مدي واري حصيداري ۽ ترقياتي ترجيحن جي فروغ جي عزم کي ساراهيندي چيو آهي ته حڪومت پائيدار اقتصادي استحڪام حاصل ڪرڻ جي لاءِ جامع، گهڻ رخي سڌاراجاتي پروگرام تي سچي دل سان عمل پيرا آهي، اقتصادي ترقي ۽ سڌارن ۾ عالي بئنڪ گروپ جي معاونت کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي بئنڪ گروپ جي صدر اجي بنگا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عالمي بئنڪ گروپ جي صدر جي حيثيت سان اجي بنگا جي پهرين پاڪستان جي سرڪاري دوري تي سندس آجيان ڪئي. وزيراعظم پاڪستان سان عالمي بئنڪ گروپ جي ڊگهي مدي واري حصيداري ۽ ملڪ جي ترقياتي ترجيحن جي فروغ جي لاءِ ان جي عزم کي ساراهيندي خاص طور تي 10 سالا عالمي بئنڪ گروپ ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ (سي پي ايف) تحت تعاون کي ساراهه جوڳو قرار ڏنو. وزيراعظم عالمي بئنڪ گروپ کي وڌيڪ موثر ترقياتي حصيدار بڻائڻ ۾ اجي بنگا جي قيادت کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت پائيدار اقتصادي استحڪام حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ جامع، گهڻ رخي ۽ ملڪي ضرورتن موجب جوڙيل سڌاراجاتي پروگرام تي پوري سچي دل سان عمل پيرا آهي. وزيراعظم مضبوط انفراسٽرڪچر، زرعي ڪاروبار، ڊيجيٽل ترقي، توانائي، انساني وسيلن، مالياتي سڌارن، روزگار جي موقعن ۽ نجي سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ عالمي بئنڪ گروپ جي سهڪار کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم ۽ اجي بنگا ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ سان هم آهنگ ترجيحن تي تيز رفتار عملدرآمد ۽ موثر نگراني کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن وقت سر ۽ وڏي پئماني تي نتيجا حاصل ڪري سگهجن. اهي قدم ترقياتي منصوبن ۾ عملدرآمد جي رڪاوٽن جي خاتمي لاءِ وزيراعظم جي ويزن جي تڪميل ۾ مددگار ثابت ٿيندا. وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت اهڙن جامع انتظامي سڌارن تي ڪاربند آهي جيڪي روزگار تي ٻڌل اقتصادي ترقي کي فروغ ڏين ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد کي وڌيڪ مضبوط بڻائين. عالمي بئنڪ گروپ جي صدر اجي بنگا پاڪستان ۾ شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن پاڪستان حڪومت جي جاري سڌاراجاتي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ”ون ورلڊ بئنڪ گروپ“ تحت تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جي سڌاراجاتي ايجنڊا جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ترقياتي حصيدارن سان ويجهي هم آهنگي سان گڏوگڏ نجي وسيلن جي موثر استعمال ۾ اضافو لازمي آهي.

مزید خبریں