اسلام آباد - 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي جمهوريه قازقستان جو صدر قاسم جومارت توڪائيف اڱارو 3 فيبروري تي پهرين سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچندو. ٻن ڏينهن جي دوري دوران صدر توڪائيف سان گڏ اعليٰ سطح جو وفد پڻ هوندو جنهن ۾ سندس ڪابينا جا سينيئر ميمبر ۽ ٻيا اعليٰ سرڪاري عملدار شامل هوندا. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب دوري دوران صدر …
وزيراعظم جي دعوت تي جمهوريه قازقستان جو صدر قاسم جومارت توڪائيف اڱارو 3 فيبروري تي پهرين سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچندو

مزید خبریں
اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي جمهوريه قازقستان جو صدر قاسم جومارت توڪائيف اڱارو 3 فيبروري تي پهرين سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچندو. ٻن ڏينهن جي دوري دوران صدر توڪائيف سان گڏ اعليٰ سطح جو وفد پڻ هوندو جنهن ۾ سندس ڪابينا جا سينيئر ميمبر ۽ ٻيا اعليٰ سرڪاري عملدار شامل هوندا. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب دوري دوران صدر قاسم جومارت توڪائيف صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقاتون ڪندو. ان کانسواءِ هو پاڪستان قازقستان بزنس فورم کي خطاب پڻ ڪندو. اهو دورو ٻنهي ملڪن جي لاءِ ٻطرفي لاڳاپن جو جامع جائزو وٺڻ، تعاون جي نئين موقعن تي غور ڪرڻ، خاص طور تي واپار، لاجسٽڪس، علائقائي رابطاڪاري، عوامي رابطن جي فروغ ۽ علائقائي ۽ عالمي فورمز تي تعاون جي امڪانن کي ڳولڻ جو هڪ ٻيو اهم موقعو فراهم ڪندو. بيان موجب قازقستان جي صدر اهو دورو پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ مضبوط ٿيندڙ لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو، تاريخي ۽ ثقافتي ويجهڙائپ کي موثر عملي تعاون ۾ بدلائڻ جي گڏيل عزم کي اجاگر ڪري ٿو ۽ خطي ۾ امن ۽ ترقي جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي گڏيل خواهش جي نمائندگي ڪري ٿو.











