نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان يونيسڪو جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر خالد العناني جي ملاقات

اسلام آباد - 02 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان يونيسڪو جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر خالد العناني سومر ڏينهن ملاقات ڪئي، اهو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ سندس پهريون ٻطرفو دورو هو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڊاڪٽر خالد العناني کي يونيسڪو جو ڊائريڪٽر جنرل چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ يونيسڪو جي مقصدن جي …

اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان يونيسڪو جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر خالد العناني سومر ڏينهن ملاقات ڪئي، اهو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ سندس پهريون ٻطرفو دورو هو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڊاڪٽر خالد العناني کي يونيسڪو جو ڊائريڪٽر جنرل چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ يونيسڪو جي مقصدن جي فروغ  جي لاءِ سندس ويجهي تعاون جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن يونيسڪو جي قدمن جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ تعليم، ثقافت ۽ گهڻ رخي تعاون جي شعبن ۾ مسلسل حصيداري تي زور ڏنو.

مزید خبریں