ڪمبوڊيا پاران سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي شاندار آجيان

اسلام آباد -02 فيبروري (اي پي پي)ڪمبوڊيا جي حڪومت پاڪستان جي سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي سرڪاري دوري جي شروعات تي شاندار آجيان ڪئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي ڪمبوڊيا جي گادي واري هنڌ نوم پنهه جي اهم رستن ۽ نمايان عوامي هنڌن کي پاڪستان جي قومي جهنڊن سان سينگاريو ويو. جڏهن ته سينيٽ چيئرمين جي نالي ۽ عهدي تي ٻڌل آجياڻي وارا …

اسلام آباد -02 فيبروري (اي پي پي)ڪمبوڊيا جي حڪومت پاڪستان جي سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي سرڪاري دوري جي شروعات تي شاندار آجيان ڪئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي ڪمبوڊيا جي گادي واري هنڌ نوم پنهه جي اهم رستن ۽ نمايان عوامي هنڌن کي پاڪستان جي قومي جهنڊن سان سينگاريو ويو. جڏهن ته سينيٽ چيئرمين جي نالي ۽ عهدي تي ٻڌل آجياڻي وارا بينر به لڳايا ويا آهن. اهي سمورا انتظام ڪبوڊيا جي اختيارين سرڪاري آجياڻي واري ڪميٽي جي سهڪار سان ڪيا جيڪا ان دوري جي اهميت ۽ پاڪستان ۽ ڪمبوڊيا وچ ۾ پراڻن دوستاڻن لاڳاپن جو مظهر آهي. آجياڻي واري تقريب ۽ پروٽوڪول انتظام ان ڳالهه جي عڪاسي ڪن ٿا ته ڪمبوڊيا پاڪستان حڪومت جي پارلياماني قيادت کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن ۽ پارلياماني رابطن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. سينيٽ چيئرمين سان گڏ پارلياماني ۽ مشاورتي وفد به موجود آهي جنهن ۾ سينيٽر عابد شير علي، سينيٽر ضمير حسين گهمرو ۽ سينيٽ چيئرمين جو صلاحڪار مصباح کر شامل آهن. اهو دورو پاڪستان ۽ ڪمبوڊيا وچ ۾ پارلياماني تعاون کي هٿي وٺائڻ ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.

مزید خبریں