اسلام آباد-02 فيبروري (اي پي پي) صدرِ آصف علي زرداري دنيا جي آبي ذخيرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته دنيا جي آبي ذخيرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي مان پنهنجي آبي ذخيرن جي تحفظ ۽ پائيدار انتظام لاءِ اسان جي وابستگي جي عزم کي ورجائڻ چاهيان ٿو. ايوانِ صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته …
آبي ذخيرا ماحولياتي تبديليءَ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گهٽ لاڳت ۽ مؤثر حل فراهم ڪن ٿا: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد-02 فيبروري (اي پي پي) صدرِ آصف علي زرداري دنيا جي آبي ذخيرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته دنيا جي آبي ذخيرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي مان پنهنجي آبي ذخيرن جي تحفظ ۽ پائيدار انتظام لاءِ اسان جي وابستگي جي عزم کي ورجائڻ چاهيان ٿو. ايوانِ صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هي ڏينهن 1971ع ۾ آبي ذخيرن جي ڪنوينشن جنهن کي رامسر ڪنوينشن به چيو وڃي ٿو جي ياد ڏياري ٿو. پاڪستان ان اهم معاهدي جو ميمبر آهي جيڪو موجوده ۽ ايندڙ نسلن لاءِ آبي ذخيرن ۽ انهن جي وسيلن جي تحفظ ۽ پائيدار استعمال کي هٿي ڏئي ٿو. هن چيو ته دنيا جي آبي ذخيرن جي عالمي ڏينهن 2026ع جو موضوع ”آبي ذخيرن ۽ روايتي علم، ثقافتي ورثي جي پاسداري“ اسان کي ياد ڏياري ٿي ته آبي ذخيرا صرف ماحولياتي نظام نه پر زندهه ثقافتي منظر پڻ آهن جيڪي صدين دوران مقامي آبادين جي محنت ۽ علم سان جُڙيا آهن. سڄي پاڪستان ۾ آبي ذخيرن سان واڳيل روايتي علم ۽ روزگار جي طريقن، خوراڪ جي تحفظ، حياتياتي جدت جي تحفظ ۽ فطرت سان متوازن تعلق کي مضبوط بڻائين ٿا. صدر آصف علي زرداري چيو ته صحتمند آبي ذخيرا ٻوڏ جي خطرن کي گهٽ ڪن ٿا، سامونڊي علائقن جو تحفظ ڪن ٿا، روزگار کي سهارو ڏين ٿا ۽ ماحولياتي گدلاڻ ۾ گهٽتائي آڻي ٿا، ان جي نظراندازي سان ماحولياتي نقصانن ۾ واڌ ٿئي ٿي، جڏهن ته انهن جي بحاليءَ سان معيشت ۽ ماحول کي نمايان فائدا حاصل ٿين ٿا. پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي ماحولياتي تبديلي جا گهٽ ذميدار ته آهن پر انهن جا اثر سڀ کان وڌيڪ پاڪستان تي پون ٿا، اسان جا آبي ذخيرا، ٻوڏ، ڏُڪار، شديد گرمي ۽ سامونڊي سطح ۾ واڌ خلاف دفاع جو ڪردار ادا ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان جا منتوع آبي ذخيرا جن ۾ درياهي ٻوڏ، ميدان، بلند پهاڙيون، ڍنڍون ۽ گليشيئر، اندروني آبي ذخيرا ۽ سامونڊي مينگروز، ماحولياتي نظام شامل آهن، حياتياتي تنوع جي تحفظ، ماحولياتي تبديليءَ سان هم آهنگي، پاڻيءَ جي نظم و نسق ۽ آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. سڄي ملڪ ۾ پاڻي ذخيرن کي غير متوقع سانوڻي، گليشيئر جي پگهرڻ ۾ تبديلي ۽ تيزي، شديد گرمي (هيٽ ويوز)، گهٽ ٿيندڙ ٻوڏ جا حفاظتي نظام ۽ وڌندڙ گدلاڻ جهڙا دٻاءُ سامهون آهن. سنڌ ۾ پاڻي ذخيرن کي خاص طور تي وڌيڪ مسئلا درپيش آهن جتي تاريخي طور تي پاڻيءَ جي گهٽتائي ۽ سامونڊي سطح ۾ واڌ صورتحال کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو آهي. انڊس ڊيلٽا ۽ (مينگروز) تمر جا ٻيلا جيڪي پاڻيءَ جا اڪثريت وارا علائقا شمار ٿيندا هئا، اڄ کاري پاڻيءَ سان پکڙيل سامونڊي ڪٽا ۽ مڇين جي واڌ ويجهه جي خاتمي کي مُنهن ڏئي رهيا آهن. اهڙيءَ طرح ڪينجهر، هاليجي ۽ منڇر ڍنڍ جهڙا آبي ذخيرا، تازي پاڻيءَ جي آمد ۾ گهٽتائي، ڊگهي ڏُڪار ۽ـ گدلاڻ کي مُنهن ڏئي رهيا آهن جنهن سان ماهيگيري، پيئڻ جي پاڻيءَ جي دستياب ۽ هجرت ڪندڙ پکين جا رستا متاثر ٿي رهيا آهن. صدرِ مملڪت چيو ته لکين پاڪستاني شهرين لاءِ آبي ذخيرا روزمره جي زندگيءَ جو لازمي حصو آهن. هي گهريلو استعمال ۽ مارڪيٽن لاءِ مڇي فراهم ڪن ٿا، چوپائي مال جي چرڻ لاءِ چراگاهه مهيا ڪن ٿا، ٻارڻ ۽ رهائش لاءِ گاهه ۽ نباتات ڏين ٿا ۽ شديد برسات يا پاڻيءَ جي کوٽ دوران ٻهراڙين کي قدرتي تحفظ فراهم ڪن ٿا، جڏهن آبي ذخيرا متاثر ٿين ٿا ته ماڻهن کي آمدنيءَ ۾ گهٽتائي، خوراڪ جي قيمتن ۾ واڌ، غير محفوظ پاڻي، ٻوڏ ۽ ڏُڪار جي وڌندڙ خطرن کي مُنهن ڏيڻو پوي ٿو، ان لاءِ آبي ذخيرن جو تحفظ محض ماحولياتي فرض نه پر عوامي فلاح ۽ قومي مدافعت جي تقاضا به آهي. صدر مملڪت چيو ته آبي ذخيرا ماحولياتي تبديليءَ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گهٽ لاڳت ۽ مؤثر حل فراهم ڪن ٿا، هي ٻوڏ جي پاڻيءَ کي بهتر طور جذب ڪن ٿا، ڪاربان محفوظ ڪن ٿا، خاص طور تي تمر (مينگروز) ذريعي سامونڊي علائقن کي قدرتي تحفظ ڏين ٿا ۽ آفتن کي مُنهن ڏيڻ جي خرچن کي گهٽ ڪن ٿا. مقامي ۽ ڪميونٽي شعور کي شامل ڪندي آبي ذخيرن جو پائيدار انتظام پاڪستان جي ماحولياتي ۽ حياتياتي تنوع جي هدفن ۽ عالمي واعدن جي حصول ۾ سڌيءَ ريت مددگار آهن. هن چيو ته اسان جي خطي ۾ پاڻيءَ جي سلامتي ذميدار ۽ قانوني سرحدن تي تعاون تي ٻَڌل آهن. صدر مملڪت چيو ته پاڪستان سنڌ طاس معاهدي (انڊس واٽر ٽريٽي) 1960ع تي ڀارت جي هڪطرفن قدمن کي ڳڻتيءَ جي نظر سان ڏسي ٿو، جيڪو هڪ قانوني معاهدو آهي ۽ ڏهاڪن کان انڊس بيسن ۾ منصفاڻي پاڻيءَ جي ورهاست کي يقيني بڻائيندو رهيو آهي. معاهدي تحت طئي ٿيل طريقيڪار جي معطلي سميت هائيڊرو لوجيڪل ڊيٽا جي فراهميءَ ۾ رڪاوٽ ان ڀروسي ۽ پيش گوئي صلاحيت کي مجروح ڪري ٿي جنهن جي ماحولياتي دٻاءُ جي ان دؤر ۾ اشد ضرورت آهي. پاڻيءَ کي ڪڏهن به ڏاڍ لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي ۽ پاڪستان خلاف پاڻيءَ کي جنگ حربي طور استعمال ڪرڻ جي ڪوششن کي رد ڪرڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته درياهن جي وهڪري ۾ رڪاوٽ انهن لکين زندگين، روزگار ۽ غذائي نظام لاءِ خطرو آهن، جن جو دارومدار انڊس بيسن تي آهي. هن چيو ته ان اهم ڏينهن تي مان سڀني شهرين خاص ڪري نوجوانن، مقامي برادرين ۽ پاليسي سازن کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي آبي ذخيرن کي جاندار ثقافتي ۽ ماحولياتي اثاثو سمجهندي انهن جو قدر ڪن، انهن جو تحفظ ڪن ۽ کين پائيدار بنيادن تي منظم ڪن. آبي ذخيرن جو تحفظ صرف قدرتي معاملو ناهي پر ماڻهن، روزگار ۽ قومي مدافعت جو معاملو آهي. پاڪستان ان ڳالهه جي وڪالت جاري رکندو ته ماحولياتي انصاف جي تقاضا ان آبي ذخيرن جو تحفظ آهي جيڪي اسان جي حفاظت ڪن ٿا.











