اسلام آباد-01 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ بنگلاديش پرڏيهه ۾ روزگار ۽ انساني وسيلن جي ترقي ۾ گڏيل سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ابوظهبي ڊائلاگ 2026ع جي موقعي تي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين بابت وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين بنگلاديش جي فلاح، پناهگيرن ۽ پرڏيهه ۾ روزگار بابت وزارت جي صلاحڪار ڊاڪٽر آصف نذرل سان ملاقات ڪئي. جاري ڪيل پڌرائي موجب ملاقات دوران ڌرين پنهنجي پنهنجي …
پاڪستان ۽ بنگلاديش پاران روزگار ۽ انساني وسيلن جي ترقي ۾ گڏيل سهڪار کي هٿي وٺائڻ تي اتفاق

مزید خبریں
اسلام آباد-01 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ بنگلاديش پرڏيهه ۾ روزگار ۽ انساني وسيلن جي ترقي ۾ گڏيل سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ابوظهبي ڊائلاگ 2026ع جي موقعي تي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين بابت وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين بنگلاديش جي فلاح، پناهگيرن ۽ پرڏيهه ۾ روزگار بابت وزارت جي صلاحڪار ڊاڪٽر آصف نذرل سان ملاقات ڪئي. جاري ڪيل پڌرائي موجب ملاقات دوران ڌرين پنهنجي پنهنجي ملڪن جي پرڏيهه ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن کي درپيش چئلينجز تي ڳالهيون ڪيون ۽ هنرمندي جي تربيت ۽ مهارتن جي ترقي ۾ اضافي جو به جائزو ورتو. پاڪستاني وفد نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن جي ڪردار ۽ قدمن کان آگاهه ڪيو. جڏهن ته بنگلاديشي ڌر پنهنجي ٽيڪنيڪل ٽريننگ سينٽرز جي عملي فريم ورڪ تي روشني وڌي. ٻنهي وفدن تعليم، صحت، سياحت ۽ واپار جي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي امڪانن جو به جائزو ورتو. ان موقعي تي چيئرمين ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن پاڪستان اداري جي دائري اختيار، فرضن ۽ پورهيتن کي سماجي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ان جي ڪردار کان به آگاهه ڪيو. گڏيل سهڪار جي اهميت تي زور ڀريندي ڌرين انساني وسيلن جي ترقي ۽ ليبر ايڪسپورٽ جي شعبن ۾ هڪ ٻئي جي تجربن ۽ بهترين عملي طريقن مان سکڻ ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي، جن ۾ ڀرتي جو طريقيڪار، هنرمندي جي تربيت ۽ وطن واپس ايندڙ ڪارڪنن جي بحالي جو نظام شامل آهن. ٻنهي طرفن کان گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ مسلسل رابطن ۽ تعميري ڳالهين جي عزم جو ورجاءُ ڪيوو يو. اجلاس ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي گڏيل عرب امارات ۾ مقرر سفارتي مشنز جي سينيئر اختيارين به شرڪت ڪئي.











