مذهبي معاملن واري وزارت جي انتظام هيٺ حج پانڌيئڙن جي تربيت جو سلسلو جاري

اسلام آباد-01 فيبروري (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان چيو آهي، ته وزارت جي انتظام هيٺ حج 2026ع جي سلسلي ۾ حج پانڌيئڙن جي تربيت جو سلسلو جاري آهي. لاهور ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن جي حج پانڌيئڙن جو تربيتي ورڪشاپ آچر کان فيصل آباد آڊيٽوريم پنجاب يونيورسٽي لاهور ۾ شروع ٿي ويو آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ڊپٽي سيڪريٽري ناصر عزيز خان ۽ مفتي …

اسلام آباد-01 فيبروري (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان چيو آهي، ته وزارت جي انتظام هيٺ حج 2026ع جي سلسلي ۾ حج پانڌيئڙن جي تربيت جو سلسلو جاري آهي. لاهور ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن جي حج پانڌيئڙن جو تربيتي ورڪشاپ آچر کان فيصل آباد آڊيٽوريم پنجاب يونيورسٽي لاهور ۾ شروع ٿي ويو آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ڊپٽي سيڪريٽري ناصر عزيز خان ۽ مفتي محمد احمد مدني انتظامي معاملن ۽ حج جي رُڪنن بابت تربيت فراهم ڪئي. هنن چيو ته حج پانڌيئڙن جي رهنمائي لاءِ تربيتي ورڪشاپ واري هنڌ پنجاب فوڊ اٿارٽي ۽ صحت کاتي جا اسٽالز به قائم ڪيا ويا آهن. ترجمان چيو ته لاهور ۾ پهرين مرحلي جو تربيتي ورڪشاپ (اڄ) سومر تي ختم ٿيندو. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ تعلقي جي سطح تي تربيتي ورڪشاپس جي شروعات پهرين جنوري کان ٿي اهي جڏهن ته ٻئي مرحلي جي تربيت جي شروعات رمضان المبارڪ کان پوءِ شروع ٿيندي. هن هدايت ڪئي ته هر حج پانڌيئڙي لاءِ هڪ ڏينهن تربيتي ورڪشاپس ۾ شرڪت لازمي آهي. تربيت دوران حج پانڌيئڙن کي پاڪ حج ايپ کان علاوه سعودي ويزه بائيو ايپ بابت به آگاهي فراهم ڪئي ويندي.

مزید خبریں