اي اين ايف پاران منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون، 2 عورتن سميت 8 جوابدار گرفتار

اسلام آباد -31 جنوري (اي پي پي)  اينٽي نارڪوٽڪس فورس تعليمي ادارن جي آسپاس ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جي 66.44  ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 2 عورتن سميت 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اي اين ايف جي ترجمان موجب تعليمي ادارن ۾ ڪارروائين دوران گلوٽيان موڙ سيالڪوٽ ويجهو موٽر سائيڪل سوار جوابدار کان 4.8 ڪلوگرام چرس …

اسلام آباد -31 جنوري (اي پي پي)  اينٽي نارڪوٽڪس فورس تعليمي ادارن جي آسپاس ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جي 66.44  ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 2 عورتن سميت 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اي اين ايف جي ترجمان موجب تعليمي ادارن ۾ ڪارروائين دوران گلوٽيان موڙ سيالڪوٽ ويجهو موٽر سائيڪل سوار جوابدار کان 4.8 ڪلوگرام چرس ۽ 600 گرام آفيم هٿ ڪيو ويو ۽ گرفتار جوابدار تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات وڪرو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. ٻين ڪارروائين ۾ علامه اقبال ايئرپورٽ تي مرد ۽ عورت جي پيٽ مان 678 گرام وزني 83 هيروئن ڀريل ڪيپسولز  هٿ ڪيا ويا. هزار گنجي ڪوئٽا ۾ گاڏي مان 23 ڪلوگرام آئيس هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. وزير آباد روڊ سيالڪوٽ ۾ موٽر سائيڪل سوار جوابدار کان 21.6 ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو ويو. سپر هاءِ وي ايم نائين ڪراچي ويجهو جوابدار کان 9.6 ڪلوگرام چرس  جڏهن ته رنگ روڊ پشاور ويجهو عورت جي قبضي مان 6 ڪلوگرام چرس هٿ ڪيوو يو. بندر روڊ لاهور ويجهو ايم پي ٿري پليئرر مان 168 گرام وزني 293 ايڪسٽيسي گوليون هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

مزید خبریں